هڪجهڙو گئس ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي تياري، حڪومت آءِ ايم ايف کان منظوري وٺندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم ڊويزن پهرين جولاءِ 2027 کان ملڪ ۾ هڪجهڙو گئس ٽيرف لاڳو ڪرڻ لاءِ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان منظوري وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ان مقصد لاءِ حڪومت کي موجودا ڪراس سبسڊي وارو نظام ختم ڪري گهٽ آمدني وارن گهرن لاءِ هدف واري مالي مدد جي خاطر لڳ ڀڳ 162 ارب رپيا مختص ڪرڻا پوندا.
تجويز ڪيل سڌارن تحت پاڪستان ۾ لاڳو گئس جي 12 سليبس تي ٻڌل ٽيرف نظام ختم ڪيو ويندو، جنهن تحت واهپيدارن ماهوار گئس جي استعمال مطابق مختلف اگهه ادا ڪندا آهن.
ان جي بدران سمورن واهپيدارن جي ڪيٽيگريز کي مرحليوار اٽڪل 1708 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو جي هڪجهڙي سراسري ٽيرف ڏانهن منتقل ڪيو ويندو.

You might also like