اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سڌ سماءُ واري سيڪريٽري شوڪت يوسفزئي لانگ مارچ ملتوي ڪرڻ لاءِ پارٽي قيادت کي خط لکي ڇڏيو.
شوڪت يوسفزئي طرفان پارٽي چيئرمين بئريسٽر گوهر ۽ ٻين اڳواڻن کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي مفاد ۾ لانگ مارچ ترت طور ملتوي ڪيو وڃي، جڏهن ته ٻاهرين خطرن ۽ دهشتگردي ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي احتجاج ملتوي ڪرڻ گهرجي.
هن خط ۾ لکيو ته وفاقي حڪومت ڪجهه معاملن کي بنياد بڻائي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ چاهي ٿي، تنهن ڪري رياست سان ٽڪراءَ بدران ڳالهين جو رستو ڪڍيو وڃي. افغانستان کان امڪاني حملي کي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ لاءِ جواز بڻايو وڃي سگهي ٿو.
شوڪت يوسفزئي موجب، وفاقي حڪومت خيبرپختونخوا حڪومت طرفان سهڪار نه ڪرڻ جو بيانيو ٺاهي رهي آهي، جڏهن ته صوبائي حڪومت ختم ڪرڻ جي به ڪوشش ٿي سگهي ٿي.
هن خدشو ظاهر ڪيو ته دهشتگردي جي حمايت جو الزام لڳائي پارٽي تي پابندي به لڳائي سگهجي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته پارٽي جي باني چيئرمين عمران خان به ماضي ۾ ڪارڪنن جي جانين جي تحفظ لاءِ لانگ مارچ ختم ڪيو هو.
هن پارٽي قيادت کي اپيل ڪئي ته سندس گذارشين تي سنجيدگي سان غور ڪيو وڃي.
ايمرجنسي ۽ پارٽي تي پابندي جو خدشو، شوڪت يوسفزئي جي پي ٽي آءِ کي لانگ مارچ ملتوي ڪرڻ جي صلاح
You might also like