پياري دوست اياز گل جي هڪ غزل جي مصرع آهي:
يادگيريون سنڀال، ڪم ايندءِ
پر افسوس جو مون نه ڪا ڊائري لکي ۽ نه وري ڪنهن ٻي طرح يادگيريون سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي هينئر پيري وڪوڙي وئي آهي هر شيءِ ڪمزور ٿي وئي آهي. مطلب ته ڍٻريون ڍليون ٿي ويون آهن، نٽ بولٽ گھِرگهلا ٿي ويا آهن. نظر جي ڪمزوري کان عينڪ پاتي اٿم، ڪنن جواب ڏنو ته ٻُڌڻ جو اوزار ڪنن ۾ وڌو اٿم، ڪنهن سياڻي سگھڙ چيو آهي:
جڏهن عمر ٿي ويهه، ته لٿي لڄ ليهه
جڏهن عمر ٿي ٽيهه، ته تڪيائين پرائي ڌيءَ
جڏهن عمر ٿي چالي (چاليهه)، ته سنڀاريئن اڳين مالي
جڏهن عمر ٿي پنجا (پنجاهه) ته تاڙيئن گھر جا منجا
جڏهن عمر ٿي سَٺِ، ته کنيائين لٺِ
جڏهن عمر ٿي سَترَ، ته عقل ۾ پئي ڪَتر
جڏهن عمر ٿي اسي، ته پوءِ مت کسي
جڏهن عمر ٿي نوي، ته ڪڇي ڪو نه چوي
جڏهن عمر ٿي سئو، ته نه سڄڻ کي آسرو نه دشمن کي ڀؤ.
منهنجي عمر جڏهن ٻاهتر سال هئي ته هڪ دوست پڇيو ”سائين! اوهان جي عمر ڪيتري آهي؟“ کلي چيم، ”عمر ٻاهتر آهي، پر عقل سلامت آهي.“ هن به وڏو ٽهڪ ڏنو. وري جڏهن اسي کي پهتم ته هڪ دوست پڇيو، ”هينئر توهان جي عمر ڪيتري آهي؟“ چيم ته، ”ادا عمر اسي آهي، پر مت کسي ناهي.“ سگهڙن چواڻي ته ”جڏهن عمر ٿي سَٺِ ته کنيائين لٺِ“ پر خدا جو شڪر آهي، مون 90 سالن جي عُمر ۾ لٺِ کنئي. جواني ۾ هڪ فلم ڏٺي هيم، ان ۾ هڪ گاني جا ٻول هئا:
لڑکپن کھیل میں کھویا، جوانی نیند میں سویا
بڑھاپا دیکھ کر رویا، عجب یہ زندگانی ہے۔
مير عبدالحسين سانگي جي هڪ غزل جو شعر آهي:
ڏسي منهنجا اڇا، مون کي چيو هڪ دلبرِ هندي
”اگر سچ پوچھئے، تیرا تو ہے سارا چمن بگڑا“
سچ ته هينئر جسم جي مشينري جي هر شيءِ بدلجي بگڙجي وئي آهي. حمل فقير لغاري سرائڪي زبان جو شهنشاهه شاعر هو. هن سنڌي ۾ به تمام سهڻو ڪلام چيو آهي. سندس هڪ سرائڪي جي ڊگھي بيت مان ڪجھ مصراعون پيش ڪريان ٿو:
هَي وي جوڀن جاڙ ڪيتوئي، ڇورا ڪرڪي ڇوڙ ڳِيون
ڄاتم ڄلسين توڙ توڻي، پر يار ياراني ٽوڙ ڳِيون
ڪالي ڪڍ ڪلور ڪيتوئي، اڇي وال وڪوڙ ڳِيون
هرڪا آکي چاچا، ماما، جٺ اها ڀي جوڙ ڳِيون
ڪنهندي نال وفا نا ڪيتئي، مِهر مَٽا منهن موڙ ڳِيون
استاد عطا محمد حامي جو هڪ شعر آهي:
هي آئي هلي وئي، وڃي هُوءَ نه موٽي
ڏنو ساٿ پيري، ڇڏي وئي جواني!
اسان جو هڪ عزيز جڏهن جھونو ٿيو ته اڪثر چوندو هو: جواني پُور تي پُور، ڪُراڙپ ڪلُور
شيخ اياز چيو آهي: هاءِ جواني جھُوٽو آهي.
ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ پوڙهو مشهور حڪيم کي پنهنجي طبيعت ڏيکارڻ ويو. حڪيم نبض ڏسي چيس ته ”توهان جو معدو خراب آهي“، چيائين ته ”ڇو؟“ حڪيم چيس ته ”پيري آهي“ وري حڪيم چيس ته ”توهان جو جگر به خراب آهي.“ چيائين ته ”ڇو، ڇا جي ڪري جگر ۾ خرابي ٿي آهي؟“ حڪيم چيس ته ”پيري آهي.“ ايئن حڪيم کيس ٻه ٽي بيماريون ٻڌايون ته هن هر ڀيري پڇيو ته ”ڇو؟“ حڪيم چوندو رهيو ”پيري“. جھوني کي ڪاوڙ آئي چيائينس ته ”رڳو پيري، پيري جي ڌم لايو ويٺو آهين.“ اٿي حڪيم تي لٺ اولاري گاريون ڏيندو روانو ٿيو، ته حڪيم به وڏي آواز ۾ چيس ته ”اها به پيري آهي.“ شڪر آهي ته منهنجي اڃا اها حالت نه ٿي آهي، پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي رهيو آهيان، پر جيئن مٿي عرض ڪيو اٿم ته هر شيءِ ڪمزور ٿي وئي آهي، ڪيتريون ئي ڳالهيون وسري ويون آهن، جيڪي ٿوريون گھڻيون ياد آهن، سي پڙهندڙن آڏو پيش ڪري رهيو آهيان. جيڪڏهن ڪا هيٺ مٿاهين ٿي هجي ته ان لاءِ اڳواٽ معذرت. سچ ته ايڏو ويسارو ٿي ويو آهي جو رات جي ماني به ياد نه ٿي رهي ته ڇا کاڌو هيم. ڪتاب ڪڙا سڀ ڪنڌڪوٽ جي لائبرري کي تحفي طور ڏيئي ڇڏيم، تنهن ڪري ڪنهن به ڪتاب مان ڪو حوالو وٺي نه ٿو سگھان، مسواڙي گھر آهي، فقط شاهه لطيف ۽ ڪن ڪلاسيڪي شاعرن تي ڪجھه ڪتاب موجود آهن.
هن وقت سنه 2026ع ۾ منهنجي عمر نوي ورهيه آهي. ايڏي وڏي عرصي ۾ جيڪي وهيو واپريو، مشاهدا ۽ تجربا ٿيا، سي سڀ هن عمر ۾ ياد رکڻ ناممڪن آهي. تنهن ڪري ائين سمجھو ته هي احوال اڌ کان به گهٽ آهي، يعني تمام مختصر آهي. جڏهن آتم ڪهاڻي لکڻ ويٺم ته جو ياد ايندو رهيو، سو بي ترتيب لکندو ويم. اها ڳالهه پڙهندڙن کي ضرور محسوس ٿيندي. ڪٿي ڪٿي شايد ورجاءُ به هجي. ان لاءِ اڳواٽ ئي معذرت خواهه آهيان.
مون پنهنجي هن ڊگھي ڄمار ۾ ڪنهن به شخص سان دوکو دغا يا ٺڳي نه ڪئي ۽ حرام نه کاڌو حق حلال جي روزي تي گُذر بَسر ڪيو. ملازمت دوران رکيل پراويڊنٽ فنڊ تي به وياج نه ورتو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ اهيئي پئسا ورتم جيڪي منهنجي پگھار مان ڪٽجندا رهيا. اهو منهنجي موليٰ جو مون تي ڪرم آهي، جو مون کي حرام جي ڪمائي کان بچايائين. حقوق العباد ۾ وس ويندي ڪوتاهي نه ڪيم، شل ٻاجھارو ٻاجھ ڪري ڏوهه گناهه معاف ڪري، ڀٽائي جي لفظن ۾:
جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهھ به اوڏيائي منگان،
ري ٿنڀين، ري ٿوڻيين، تون ڇَپر، تون ڇانءُ،
ڪُڄاڙو ڪهانءُ، توکي معلوم سڀ ڪي.
1956ع کان 1960ع تائين چار سال ممتاز ڪاليج پڙهائي دوران پنهنجن مشفق مهربان استادن پروفيسر ڪرار حسين ۽ پروفيسر عطا محمد حامي سان گهڻي ويجھڙائي هوندي هئي ٻئي مون کي تمام گهڻو پيارو گھرندا هئا. ڪراچي ۾ سنڌ مسلم ڪاليج ۾ ايم. اي (سنڌي) ڪرڻ دوران پروفيسر سعيد حسن به مون کي تمام گهڻو پيارو گھرندو هو، نهايت شفيق ۽ مهربان هو. منهنجا اهي ٽيئي محسن استاد تمام ٿڌي طبيعت وارا ٻاجھارا انسان هئا، جن ڪنهن سان به جھيڙو نه ڪيو، هر ڪنهن سان ڀلايون ۽ ڀال ڪندا رهيا. مان انهن ٽنهن مهربان استادن جي مزاج ۽ طبيعت کان گهڻو متاثر ٿيس. مون به ڪنهن سان جھيڙو نه ڪيو، ڪنهن جھيڙو ڪيو ته پنهنجو دفاع ڪندو رهيس. زندگيءَ ۾ مختلف قسم جي ماڻهن سان واسطو پئي ٿو. ڪن ٽرڙن ٽرڙائي ڏيکاري ته انهن کان ٽارو ڪيم. سادي طبيعت سبب هر ماڻهوءَ تي اعتبار ڪيم، ڪيترن ئي ٺڳن ٺڳي ڪئي، دوکيبازن دوکا ڪيا، وڏا نقصان سٺم، پر سدائين صبر ڪيم. ڇاڪاڻ ته قرآن مجيد ۾ صبر جي تلقين ڪئي وئي آهي. مون پنهنجي سڄي ڄمار سادگي نِوڙت ۽ نياز سان گذاري آهي. هر وقت صبر ۽ درگذر کان ڪم ورتم، تنهن ڪري گهڻا مسئلا پيدا نه ٿيا. فطري طور خوش طبع آهيان، غمن ۾ به کِلندي زندگي گذاري اٿم، بقول مرتضيٰ ڏاڏاهي:
غمن ۾ به کِلندي گذاري ڇڏيوسين،
وهيو واپريو ڇا وساري ڇڏيوسين،
وسارياسين ڌوڪا سڀئي دوستن جا،
نه دشمن ٿياسين ڪڏهن دشمنن جا،
اڱڻ جيڪو آيو کيڪاري ڇڏيوسين.
منهنجي زندگيءَ جو ڪجهھ احوال، سيد محسن علي شاهه بخاري جي ڪتاب ”خيرپور ۾ خير جا ڏينهن“ ڪجھ احوال منهنجن ٻن ڪتابن ”ڪُٺيس ڪُويڄن“ ۽ ”ڏيئي ڏنڀ ڏڏن“ ۾ موجود آهي.
جڏهن پنهنجي ڊگھي ڄمار تي نظر ڊوڙايان ٿو ته شاهه سائين جو هيٺيون بيت منهنجي زندگيءَ جي هوبهو تصوير معلوم ٿئي ٿو. ڏيل ڏڪي ٿو ڪنبڻي وٺي ٿي وڃي، ڇو ته اڻ ڏٺي ڏيهه وڃڻو آهي جتي ڪو اوهي نه واهي، نه مٽ نه مائٽ، نه سنگتي نه ساٿي، شل ٻاجھارو ٻاجھه ڪري.
ڪائو ڪَمايومِ، موتِي مُون نه وَڻجِئا
سِيهي جو سَيدُ چَئي، وَکَرُ وِهايومِ
اوچتو آيومِ، سَودو صَرافَنِ سِين.
( هلندڙ)