امداد محمد شاهه جون سياسي، سماجي ۽ عوامي خدمتون

پروفيسر اعجاز احمد قريشي

سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ علمي تاريخ ۾ ڪي شخصيتون اهڙيون به گذريون آهن، جن کي ڪنهن هڪ شعبي تائين محدود ڪري نٿو سگهجي. امداد محمد شاهه به اهڙي ئي گهڻ رخي شخصيت هو، جنهن جي زندگيءَ ۾ تعليم، سياست، سماجي خدمت ۽ سنڌ سان وابستگي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل نظر اچن ٿا. سائين امداد محمد شاهه سان منهنجو تعلق رڳو ذاتي واقفيت تائين محدود نه هو. منهنجي وڏڙن جا سندس خاندان سان پراڻا لاڳاپا هئا، جن جي نسبت سان ننڍپڻ کان ئي سندس شخصيت لاءِ دل ۾ احترام موجود رهيو. اڳتي هلي اها واقفيت مطالعي ۾ تبديل ٿي ۽ مون کي سندس زندگيءَ تي لکڻ جو موقعو پڻ مليو. ان ڪري امداد شاهه کي جڏهن ياد ڪريان ٿو ته منهنجي سامهون رڳو هڪ سياستدان نه، پر تعليم ۽ سماجي خدمت کي پنهنجي زندگيءَ جو اهم مقصد بڻائيندڙ هڪ سنجيده انسان جو نقش اڀري ٿو.

امداد محمد شاهه 30 سيپٽمبر 1935ع تي سنڌ جي تاريخي شهر سن ۾ جنم ورتو. هو سيد حيدر شاهه سنائيءَ جي خاندان جو چشم و چراغ ۽ جي. ايم. سيد جو فرزند هو. سندس ننڍپڻ اهڙي گهر ۾ گذريو، جتي سنڌ جي تاريخ، سياست، سماج ۽ قومي مسئلن تي بحث زندگيءَ جو حصو هو. ان ماحول سندس فڪري تربيت تي گهرا اثر ڇڏيا. سندس تعليم جي شروعات سن جي پرائمري اسڪول کان ٿي. پوءِ کيس ڪراچي گرامر اسڪول موڪليو ويو، پر 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ پيدا ٿيل حالتن سندس تعليم ۾ رڪاوٽ وڌي ۽ کيس سن واپس اچڻو پيو. بعد ۾ ڪراچيءَ ۾ سينٽ پيٽرڪ اسڪول ۾ داخلا ورتائين، جتان 1953-54ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. سندس خواهش طب جي تعليم حاصل ڪرڻ جي هئي ۽ ڊي. جي. سائنس ڪاليج ۾ داخلا پڻ ورتائين، پر خاندان جون حالتون کيس ٻي واٽ اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪري ويون. وڏو ڀاءُ امير حيدر شاهه اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن روانو ٿيو، جڏهن ته جي. ايم. سيد ون يونٽ جي مخالفت سبب جيل ۾ هو. اهڙي صورتحال ۾ امداد شاهه کي خاندان جون ذميواريون سنڀالڻيون پيون.

هن بي. ايس. سي. پاس ڪئي ۽ سن موٽي زمينداري سنڀالي، پر علم سان سندس ناتو ختم نه ٿيو. هن ٻيهر تعليم حاصل ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي اسلاميه ڪاليج مان قانون پڙهي 1965ع ۾ ايل. ايل. بي. جي ڊگري امتيازي حيثيت سان حاصل ڪئي. اباڻي زمينداريءَ مان کيس تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ حصو مليو، جنهن سبب سندس عملي زندگيءَ جو وڏو حصو ان علائقي سان وابسته رهيو. نوابشاهه ۾ هن سنڌ جي نامياري قومي ڪارڪن ۽ وڪيل قاضي فيض محمد ايڊووڪيٽ سان گڏ وڪالت پڻ ڪئي.امداد محمد شاهه جي زندگيءَ جو نمايان پاسو تعليم سان سندس وابستگي هئي. هو تعليم کي ذاتي ترقيءَ بدران سماجي تبديليءَ جو بنيادي ذريعو سمجهندو هو. 1956ع ۾ سن ۾ مڊل اسڪول قائم ڪرائڻ ۽ ٻهراڙيءَ جي شاگردن لاءِ رهائش ۽ کاڌي جي سهولت فراهم ڪرڻ خاطر شاهه حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي قائم ڪرڻ سندس انهيءَ سوچ جو عملي اظهار هو.

1979ع ۾ ضلعي ڪائونسل نوابشاهه جو ميمبر چونڊجڻ کان پوءِ تعلقي سڪرنڊ جي ٻهراڙيءَ ۾ تعليمي سرگرمين ۾ وڌيڪ واڌارو آيو. هن مختلف علائقن ۾ پرائمري، مڊل ۽ هاءِ اسڪول قائم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ خاص طور ڇوڪرين جي تعليم تي ڌيان ڏنو. سڪرنڊ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ سائنس ڪاليج قائم ڪرائڻ ۽ قاضي احمد جي هاءِ اسڪول کي هاير سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏيارڻ به سندس تعليمي خدمتن ۾ شامل آهي. سندس سياسي زندگي پڻ پنهنجي دور جي سنڌي سياست جو اهم حصو هئي. 1985ع ۽ 1988ع ۾ هو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي مسئلن ۽ حقن کي اجاگر ڪندو رهيو ۽ مخالف ڌر جي ميمبر طور مختلف معاملن تي پنهنجو موقف پيش ڪيائين. هو عوامي ليگ سان وابسته رهيو ۽ ’پونم‘ جي پليٽفارم تان سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن جي قومي حقن لاءِ ٿيندڙ جدوجهد ۾ پڻ حصو ورتائين. پر سندس خدمتن جو دائرو سياست ۽ تعليم تائين محدود نه هو. شاهه حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي سن کان سواءِ محمد هاشم ٺٽوي ايڊيوڪيشنل سوسائٽي ۽ ٻين ادارن سان به وابسته رهيو. سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ طرفان قائم ڪيل قائداعظم پبلڪ اسڪول درساڻو ڇني سان سندس لاڳاپو رهيو، جڏهن ته ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ميمبر پڻ رهيو.

سندس سماجي خدمت ۾ اسڪولن ۽ اسپتالن سان گڏ رستن، موريُن ۽ ڊرينيج جي نظام لاءِ ڪيل ڪوششون به شامل هيون. نوابشاهه ضلعي، سڪرنڊ ۽ ڪوٽڙيءَ جي مختلف علائقن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ سندس ڪردار رهيو. اهي ڪم شايد هميشه وڏين سرخين جو حصو نه بڻيا هجن، پر جن ماڻهن کي انهن سهولتن مان فائدو پهتو، انهن لاءِ انهن جي اهميت گهري هئي.

 29 سيپٽمبر 2004ع تي امداد محمد شاهه جو زندگيءَ جو سفر پڄاڻيءَ تي پهتو ۽ کيس ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس وفات سان هڪ شخص جسماني طور جدا ٿيو، پر سندس ڪم ۽ ادارا سندس موجودگيءَ جو حوالو بڻجي رهيا. سندس نالي سان قائم امداد فائونڊيشن، جيڪا 2007ع کان ڪم ڪري رهي آهي، پڻ سندس خدمتن جي تسلسل جي هڪ ڪڙي آهي. امداد محمد شاهه جي زندگيءَ کي رڳو هڪ سياستدان، اسيمبلي ميمبر، وڪيل يا زميندار جي حيثيت سان ڏسڻ سندس شخصيت کي محدود ڪرڻ برابر ٿيندو. سندس اهميت انهن سڀني حوالن جي گڏيل صورت ۾ آهي. هن تعليم کي سماجي تبديليءَ جو ذريعو سمجهيو، سياست کي سنڌ جي مسئلن جي اظهار لاءِ استعمال ڪيو ۽ پنهنجي علائقي جي ماڻهن لاءِ بنيادي سهولتن جي فراهميءَ ۾ حصو ورتو.

وقت سان سياسي دور بدلجي وڃن ٿا، نسل تبديل ٿين ٿا ۽ شخصيتن جا نالا به تاريخ جي صفحن ۾ پوئتي رهجي وڃن ٿا، پر جيڪي ماڻهو ادارا، تعليم ۽ خدمت جو ڪو نشان ڇڏي وڃن ٿا، تن جي ياد آسانيءَ سان ختم نٿي ٿئي. امداد محمد شاهه جي زندگيءَ جو به اصل حوالو شايد سندس عهدن کان وڌيڪ انهن ڪمن ۾ موجود آهي، جيڪي هن پنهنجي سماج ۽ پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ سرانجام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. هو هليو ويو، پر سندس زندگيءَ مان اهو تصور اڄ به پڙهي سگهجي ٿو ته ڪنهن انسان جي اصل سڃاڻپ رڳو ان ڳالهه سان نه ٿيندي آهي ته هو ڪهڙي عهدي تي رهيو، پر ان سان ٿيندي آهي ته هن پنهنجي دور، پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ ڇا ڇڏيو.

You might also like