ريبيز جو عالمي ڏينهن ۽ ڪتن جي چڪ جو وڌندڙ آزار

ايڊيٽوريل

ڪالهه 28 سيپٽمبر تي سڄي دنيا ۾ ريبيز کان بچاءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. هر سال هي ڏينهن ان مقصد سان ملهايو وڃي ٿو ته ماڻهن کي ريبيز جي خطرن، ان کان بچاءَ ۽ بروقت علاج بابت آگاهي ڏني وڃي. پر سنڌ جي صورتحال ڏسجي ته سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن هڪ اهڙي موذي بيماري جنهن کان بروقت علاج ذريعي انسان جي جان بچائي سگهجي ٿي، تنهن باوجود هر سال ماڻهو ڪتن جي چڪ سبب فوت ٿيندا رهن ٿا ۽ علاج پري کان پري ٿيندو وڃي ٿو؟

ان پسمنظر ۾ سنڌ اندر ڪتن جي چڪ جا انگ اکر انتهائي ڳڻتي جوڳا آهن. 28 سيپٽمبر تي شايع ٿيل رپورٽن موجب سنڌ ۾ هلندڙ سال نو مهينن دوران ريبيز سبب 35 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته رڳو ڪراچيءَ جي چئن وڏن سرڪاري ۽ فلاحي اسپتالن ۾ ڪتن جي چڪ جا سوين ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ان رپورٽ موجب انڊس اسپتال ۾ 26، جناح اسپتال ۾ 8 ۽ انڊس اسپتال بدين ۾ هڪ ريبيز موت رپورٽ ٿي آهي. سنڌ ۾ ڪتن جي چڪ جا ڪيس مجموعي طور ٻن لکن کان به وڌي ويا آهن.  اهي انگ اکر رڳو انگ نه آهن، پر هر انگ جي پويان هڪ انساني زندگي، هڪ خاندان ۽ ان خاندان جي مستقبل سان لاڳاپيل هڪ دردناڪ ڪهاڻي موجود آهي. سوال اهو آهي ته جڏهن ڪتن جي چڪ کان پوءِ بچاءَ جو علاج موجود آهي ته پوءِ ماڻهو ريبيز تائين ڇو پهچن ٿا؟ ڇا مسئلو صرف آواره ڪتن جي وڌندڙ آبادي آهي يا ان سان گڏ صحت جي نظام، علاج جي سهولتن، ويڪسين جي فراهمي ۽ انتظامي نگراني جون خاميون به ان صورتحال جون ذميوار آهن؟

صحت جي شعبي بابت سرڪاري دعوائون پنهنجي جاءِ تي آهن. سيپٽمبر جي شروعات ۾ سنڌ حڪومت جي نگراني هيٺ ريبيز جي علاج وارن مرڪزن بابت جائزو وٺڻ ۽ ڪيسن جي نگراني لاءِ قدم کنيا ويا. رپورٽن موجب سنڌ ۾ 278 اينٽي ريبيز يونٽس کي عالمي صحت واري اداري جي پروٽوڪولن مطابق ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 112 ريفرل سينٽرن تي چوويهه ڪلاڪ عملي جي موجودگي ۽ ضرورت پوڻ تي RIG جي فراهمي جو بندوبست ڪرڻ بابت پڻ ٻڌايو ويو. ساڳئي وقت اهڙا ڪيس به سامهون آيا جن ۾ ويڪسين ته ڏني وئي پر RIG نه ڏنو ويو يا زخم جو مناسب انتظام نه ٿيو.  ان صورتحال مان ظاهر ٿئي ٿو ته مسئلو رڳو ويڪسين جي موجودگيءَ جو ناهي، پر مڪمل علاج واري نظام جو آهي. ڪتي جي چڪ جو شڪار ٿيل شهري جڏهن اسپتال پهچي ٿو ته کيس اهو يقين هجڻ گهرجي ته اتي تربيت يافته عملو موجود هوندو، ويڪسين دستياب هوندي، ضرورت مطابق RIG ملندو، علاج جو مڪمل پروٽوڪول اختيار ڪيو ويندو ۽ کيس هڪ اسپتال کان ٻي اسپتال جا چڪر نه ڪاٽڻا پوندا.

ڪراچيءَ ۾ تازو انتظاميا پاران ٽن وڏن ڊاگ بائيٽ سينٽرن، جناح، سول ۽ لياري جنرل اسپتالن ۾ ويڪسين جي دستيابي ۽ علاج جي سهولتن بابت يقين ڏياريو ويو آهي. ڪمشنر ڪراچي پاران مسلسل ويڪسين جي فراهمي ۽ آواره ڪتن جي آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٽائون ميونسپل انتظاميا، صحت کاتي ۽ ٻين ادارن سان گڏيل منصوبو جوڙڻ جون هدايتون پڻ ڏنيون ويون آهن.  پر عوام جو سوال اهو آهي ته اهي سهولتون هر ضلعي، هر علائقي ۽ هر ضرورت مند شهري تائين ڪڏهن پهچنديون؟ ڪراچي هڪ ننڍڙو شهر ناهي. جيڪڏهن ڪنهن غريب شهري کي رات جي وقت ڪتي چڪ هڻي ۽ ويجهي سرڪاري اسپتال ۾ ويڪسين موجود نه هجي ته ان لاءِ سرڪاري اعلانن جي ڪا معنيٰ نه رهندي. ريبيز جو علاج اهڙو معاملو آهي جنهن ۾ دير جو مطلب زندگيءَ لاءِ وڏو خطرو ٿي سگهي ٿو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ پڻ هن سال آواره ڪتن جي آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ مفت اينٽي ريبيز ويڪسين جي دستيابي بابت صوبائي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪري چڪي آهي. عدالت ۾ اهو به معاملو سامهون آيو ته آواره ڪتن ۽ ڪتن جي چڪ بابت شڪايتن لاءِ قائم ڪيل 1093 هيلپ لائن غيرفعال هئي. عدالت اڳ ۾ صحت کاتي کي سول ۽ تعلقا اسپتالن سميت صحت مرڪزن تي ويڪسين ۽ مڪمل علاج فراهم ڪرڻ جي هدايت به ڪري چڪي هئي.

اهڙي صورتحال ۾ رڳو عالمي ريبيز ڏينهن تي سيمينار، واڪ ۽ آگاهي مهمون ڪافي ناهن. آگاهي مهم ضرور هجڻ گهرجي، پر ان سان گڏ حڪومت کي اهڙو نظام ٺاهڻو پوندو جيڪو ڪتي جي چڪ کان وٺي مڪمل علاج تائين هر مرحلي جي ذميواري طئي ڪري. ساڳي وقت آواره ڪتن جو مسئلو به مستقل بنيادن تي حل ڪرڻو پوندو. ماضي ۾ ڪتن کي مارڻ جون مهمون هلنديون رهيون آهن، پر جيڪڏهن انهن سان مسئلو حل نه ٿيو آهي ته ساڳئي طريقي کي بار بار ورجائڻ بدران سائنسي ۽ انساني بنيادن تي نئين حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي. عالمي صحت واري اداري موجب ڪتن جي وڏي پيماني تي ويڪسينيشن ريبيز جي منتقلي روڪڻ جو اثرائتو طريقو آهي، جڏهن ته رڳو آواره ڪتن کي مارڻ بيماري تي ضابطو آڻڻ لاءِ اثرائتو طريقو ناهي

سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڪراچيءَ سميت سڄي صوبي ۾ هر ضلعي ۽ تعلقا سطح تي اينٽي ريبيز علاج جي دستيابي جو حقيقي نقشو عوام آڏو رکي. ڪهڙي اسپتال ۾ ويڪسين موجود آهي، ڪٿي RIG موجود آهي، ڪهڙا مرڪز 24 ڪلاڪ ڪم ڪن ٿا، ڪيترا ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ ڪيتريون فوتگيون ٿيون ــ انهن سمورن انگن اکرن کي باقاعده عوامي نگراني لاءِ جاري ڪرڻ گهرجي. ساڳئي وقت ڪتن جي چڪ جي هر واقعي کي صرف پوليس يا ميونسپل معاملو نه، پر صحتِ عامه جو معاملو سمجهڻ گهرجي. صحت کاتو، مڪاني ادارا، ضلعي انتظاميا ۽ جانورن جي تحفظ سان لاڳاپيل ادارا گڏجي ڪم ڪن. هر ضلعي ۾ ذميوار آفيسر مقرر ڪيو وڃي ۽ هر موت جي صورت ۾ اهو ڏٺو وڃي ته فوت ٿيل شخص کي چڪ لڳڻ کان پوءِ ڪٿي ۽ ڪهڙو علاج مليو، ڪهڙي مرحلي تي دير ٿي ۽ نظام ۾ ڪهڙي خامي هئي.

You might also like