ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي سپر اسٽار سلمان خان چيو آهي ته هٿرادو ڏاهپ ذريعي جعلي وڊيوز ٺاهيندڙن کي جيل موڪلڻ گهرجي.
’بگ باس 20‘ دوران سلمان خان هٿرادو ڏاهپ ذريعي تيار ڪيل جعلي وڊيوز جي مذمت ڪندي چيو ته اهڙيون وڊيوز ٺاهيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ضروري آهي.
سوشل ميڊيا تي ٽوڪ ڪندڙن خلاف سخت ردعمل کان پوءِ سلمان خان هاڻي هٿرادو ڏاهپ ذريعي جعلي وڊيوز ٺاهيندڙ ماڻهن کي به تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
بالي ووڊ اداڪار انڪشاف ڪيو ته هو پاڻ به اهڙين جعلي وڊيوز جو نشانو بڻجي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته ڄاڻي واڻي اهڙو مواد تيار ڪري ڦهلائيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.
سلمان خان چيو ته جيئن غنڊه گردي ۽ عورتن کي حراسان ڪرڻ جا واقعا هاڻي سوشل ميڊيا تي ٽوڪ ۽ تنقيد جي صورت اختيار ڪري چڪا آهن، تيئن آن لائين پليٽ فارمن تي ماڻهن کي پنهنجي ڳالهين ۽ تيار ڪيل مواد لاءِ به جوابده هجڻ گهرجي.
هن چيو ته هٿرادو ڏاهپ ذريعي وڊيو ٺاهڻ ۽ آواز تبديل ڪرڻ غلط آهي، اها انتهائي خوفناڪ ۽ سنجيده ڳالهه آهي. اوهان ڪجهه چيو ۽ ڪنهن هٿرادو ڏاهپ استعمال ڪري ان ۾ تبديلي آڻي ڪنهن کي گار ڏئي ڇڏي، اهڙي عمل کي روڪڻ ضروري آهي.
سلمان ڄاڻي واڻي جعلي هٿرادو ڏاهپ واريون وڊيوز ٺاهيندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو ته جيڪي ماڻهو اهو نٿا ڄاڻن ته وڊيو هٿرادو ڏاهپ ذريعي تيار ڪئي وئي آهي، اهي ان کي حقيقي سمجهي اڳتي شيئر ڪري سگهن ٿا، پر جيڪي ماڻهو حقيقت ڄاڻڻ باوجود اهڙيون وڊيوز ٺاهين ٿا، انهن کي جيل موڪلڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته جيستائين هڪ يا ٻه ماڻهن کي جيل نه موڪليو ويندو، تيستائين اهو سلسلو بند نه ٿيندو. هن اهڙي قانون جي ضرورت تي زور ڏنو، جيڪو سوشل ميڊيا تي اهڙي مواد کي روڪڻ لاءِ لاڳو ٿي سگهي.
سلمان وڌيڪ چيو ته اها صورتحال انهن ماڻهن لاءِ وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي، جن وٽ اداڪارن جهڙو اثر رسوخ يا وسيلا موجود ناهن. مشهور شخصيتون سائبر سيل سان رابطو ڪري معلوم ڪرائي سگهن ٿيون ته جعلي وڊيو ڪنهن ٺاهي، پر عام ماڻهن وٽ اهڙي مدد يا ڄاڻ تائين سولائي سان پهچ موجود نه هوندي آهي.
سلمان خان اهي ڳالهيون ان وقت ڪيون، جڏهن هو ’بگ باس 20‘ جي گهر ۾ موجود شرڪت ڪندڙن پاران هڪ ٻئي جي شڪل ۽ صورت بابت ڪيل تبصرن تي ڳالهائي رهيو هو.