پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبي ۾ حڪمراني ۽ ڪرپشن جا مسئلا موجود آهن، جڏهن ته دهشتگردي سبب جنازا کڄي رهيا آهن.
پشاور ۾ اسپتال جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي حڪومت اهڙي حد تائين نه وڃي، جو صوبي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت پيش اچي.
هن چيو ته خيبرپختونخوا جي موجوده امن امان جي صورتحال لانگ مارچ برداشت نٿي ڪري سگهي، اهڙين حالتن ۾ اسلام آباد تي چڙهائي مناسب ناهي.
گورنر صوبائي حڪومت تي زور ڏنو ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ ورتو وڃي.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي صوبي ۾ امن جي قيام لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ۽ دهشتگردي خلاف فرنٽ لائن تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
You might also like