پاڪستاني ڪرڪيٽرن لاءِ ورلڊ چيمپئن شپ آف ليجنڊز جا در بند

لاهور (ويب ڊيسڪ) ورلڊ چيمپئن شپ آف ليجنڊز ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي شرڪت جي اجازت نه ملندي.
ذريعن موجب، ايونٽ ۾ ڪا به ٽيم پاڪستان جو نالو به استعمال نه ڪري سگهندي.
گذريل سال ڀارتي ٽيم پاڪستان چيمپئنز سان کيڏڻ کان انڪار ڪيو هو.
واضح رهي ته 3آڪٽوبر کان گڏيل عرب امارات (يو اي اي) ۾ شروع ٿيندڙ ايونٽ ۾ ”پاڪستان چيمپئنز“ جي نالي سان ٽيم به شامل آهي ۽ 10 آڪٽوبر تي دبئي ۾ پاڪستان ۽ انڊينز چيمپئنز وچ ۾ مقابلو به شيڊيول هو.

You might also like