تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي رهبرِ اعليٰ مجتبيٰ خامنه اي چيو آهي ته اڄ ڪجهه ماڻهو اسان کي دنيا جي چوٿين سپر پاور قرار ڏين ٿا.
ايراني ميڊيا موجب، پنهنجي بيان ۾ مجتبيٰ خامنه اي چيو ته جيڪي قوتون ڪنهن وقت ايران تي برتري حاصل ڪرڻ چاهينديون هيون، هاڻي انهن کي ايران جي فوجي صلاحيتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته ملڪ جي دفاعي صلاحيتن گذريل ڏهاڪن جي ڀيٽ ۾ طاقت جو توازن تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
ايراني سپريم ليڊرچيو ته ايران هاڻي دارومدار ۽ ڪمزوري واري مرحلي مان نڪري خودمختياري، طاقت ۽ اسلامي دنيا ۾ هڪ نمايان مقام ماڻي چڪو آهي.
مجتبيٰ خامنه اي چيو ته”اهو ماضي، جنهن ڏانهن اسان جو دشمن واپس وڃڻ چاهي ٿو، گذري چڪو آهي ۽ هاڻي ڪڏهن واپس نه ايندو.“
مجتبيٰ خامنه اي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ايران هاڻي اهڙي مرحلي تي پهچي چڪو آهي، جتي پاڻ اڳرائي ۽ برتري حاصل ڪرڻ واريون قوتون پناهه ڳولين ٿيون ۽ جنگ ختم ڪرڻ جون منٿون ڪن ٿيون.
واضح رهي ته مجتبيٰ خامنه اي پنهنجي پيءُ جي جانشيني کانپوءِ عوامي سطح تي منظرعام تي نه آيو آهي ۽ نه ئي سندس ڪو سڌيءَ ريت آڊيو يا وڊيو پيغام جاري ٿيو آهي.
هن سان منسوب سمورا پيغام هن وقت تائين رڳو لکت ۾ سرڪاري ميڊيا يا ان سان واڳيل ذريعن ذريعي شايع ٿيا آهن.
You might also like