گوگل ميپس اينڊرائيڊ آٽو استعمال ڪندڙن لاءِ نئون سهولت متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن سان سفر دوران رستي ۾ ايندڙ ٽريفڪ بتي ۽ بيهڻ جي نشان بابت اڳواٽ اطلاع ملندو.
نئين سهولت تحت اهي اطلاع نقشي اندر محدود رهڻ بدران نمايان اطلاع طور ظاهر ٿيندا، جنهن سان ڊرائيورن کي ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي کان بچڻ ۽ اڻڄاتل رستن تي سفر ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
في الحال اها سهولت محدود صارفين لاءِ جاري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن يا هفتن ۾ وڌيڪ صارفين لاءِ دستياب ٿيڻ جو امڪان آهي. آءِ فون صارفين لاءِ به ڪارپلي ۾ اها سهولت جلد متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.