سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، حڪومت ڪٿي آهي؟

ايڊيٽوريل

سنڌ ۾ بدامنيءَ جو وڌندڙ سلسلو هاڻي رڳو ڪنهن هڪ شهر، ضلعي يا علائقي جو مسئلو نه رهيو آهي، پر اهو صوبي جي امن، انتظامي ڍانچي ۽ عوام جي تحفظ بابت هڪ وڏو سوال بڻجي چڪو آهي. روزانو اغوا، ڦر، قتل ۽ ٻين ڏوهن جون خبرون سامهون اچڻ سان عام ماڻهوءَ ۾ عدم تحفظ جو احساس وڌي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن هڪ صحافي محمد عظيم سيال رات دير سان خانپور مهر ٿاڻي جي حد مان مبينا طور اغوا ٿي وڃي ٿو ۽ سندس ڪار پنو عاقل واري علائقي ۾ سڌوجا ٿاڻي جي حد مان هٿ اچي ٿي، تڏهن معاملو رڳو هڪ فرد جي اغوا تائين محدود نٿو رهي، پر سنڌ جي مجموعي امن امان واري صورتحال تي سنجيده سوال اڀاري ٿو. صحافي جو ڪم سماج جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ، ظلم ۽ ناانصافيءَ کي عوام ۽ اختيارين تائين پهچائڻ ۽ ماڻهن جي آواز کي سگهارو بڻائڻ آهي. جيڪڏهن هڪ صحافي به پنهنجي علائقي ۾ محفوظ نه هجي ته پوءِ عام شهري جي تحفظ بابت ڪهڙو اطمينان پيدا ٿي سگهي ٿو؟ عظيم سيال جي مبينا اغوا واري واقعي ۾ سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته ڏوهاري ايتري جرئت سان ڪنهن ماڻهوءَ کي کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪيئن ڪن ٿا؟ ڇا انهن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ڪو خوف ناهي؟ ڇا پوليس جي نگراني، گشت ۽ انٽيليجنس جو نظام ايترو ڪمزور ٿي چڪو آهي جو ڏوهاري رات جي اونداهيءَ ۾ واردات ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي وڃن؟

سنڌ پوليس صوبي ۾ امن قائم رکڻ جي بنيادي ذميوار اداري طور عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي پابند آهي. پوليس وٽ وسيلا، اهلڪار، قانوني اختيار ۽ جديد ٽيڪنالاجي موجود هجڻ گهرجن، پر انهن سڀني شين جو مقصد تڏهن ئي حاصل ٿي سگهي ٿو، جڏهن انهن جو استعمال نتيجا ڏيڻ لاءِ ڪيو وڃي. رڳو واقعي کان پوءِ نوٽيس وٺڻ، جاچ جو حڪم ڏيڻ يا مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻڻ ڪافي نه آهي. عوام کي نتيجو گهرجي، اغوا ٿيل ماڻهن جي بازيابي گهرجي ۽ ڏوهارين کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ گهرجي. عظيم سيال جي معاملي ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي پاران فوري نوٽيس وٺڻ ۽ صحافي جي بازيابي لاءِ موثر قدم کڻڻ ضروري آهي، پر ان سان گڏ سنڌ پوليس جي اعليٰ قيادت ۽ سنڌ حڪومت کي به اهو سوچڻو پوندو ته آخر اغواڪاريءَ ۽ بدامنيءَ جا واقعا بار بار ڇو ٿي رهيا آهن؟ جيڪڏهن هڪ واقعي کان پوءِ ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ساڳئي علائقي يا ڀرپاسي ۾ ٻي واردات ٿي وڃي ته ان کي امن امان جي ڪامياب حڪمت عملي ڪيئن قرار ڏئي سگهجي ٿو؟

سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ عوام ڊگهي عرصي کان بدامنيءَ جون شڪايتون ڪندو رهيو آهي. خاص طور تي ڪچي وارن علائقن سان لاڳاپيل ڏوهاري سرگرمين، ڀنگ لاءِ اغوا ، قبائلي تڪرارن، ڦرن ۽ هٿياربند گروهن جي موجودگيءَ جون خبرون وقت به وقت سامهون اينديون رهيون آهن. اهڙي صورتحال ۾ حڪومت جي ذميواري رڳو بيان جاري ڪرڻ نه، پر اهڙي جامع حڪمت عملي جوڙڻ آهي، جنهن سان ڏوهارين جون محفوظ پناهگاهون ختم ٿين، سندن نيٽ ورڪ ٽوڙيا وڃن ۽ عام ماڻهوءَ کي عملي تحفظ حاصل ٿئي.

سنڌ حڪومت کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته امن امان صرف پوليس جو مسئلو ناهي. اهو حڪومت جي مجموعي انتظامي ڪارڪردگيءَ جو امتحان آهي. جڏهن ماڻهو پنهنجي گهرن، ڪاروباري مرڪزن، روڊن ۽ سفر دوران پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳن ٿا ته ان جا اثر سماج، معيشت ۽ سيڙپڪاريءَ تائين پهچن ٿا. بدامنيءَ سبب ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿين ٿيون، ماڻهن جو اعتماد گهٽجي ٿو ۽ ادارن بابت بي يقيني وڌي ٿي. صحافين کي خاص طور تي تحفظ فراهم ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته آزاد صحافت سماج ۾ احتساب جو اهم ذريعو آهي. صحافي جيڪڏهن خوف جي ماحول ۾ ڪم ڪندو ته ڏوهن، ڪرپشن ۽ عوامي مسئلن بابت بيباڪ رپورٽنگ متاثر ٿيندي. تنهنڪري عظيم سيال جي بازيابي کي صرف هڪ صحافي جي ذاتي مسئلي طور نه ڏٺو وڃي، پر صحافتي آزادي ۽ سماجي تحفظ جي مسئلي طور به ورتو وڃي.

صحافي برادري پاران سخت احتجاج جو چتاءُ پنهنجي جاءِ تي، پر حڪومت ۽ پوليس کي احتجاج جو انتظار ڪرڻ بدران پاڻ اڳواٽ سنجيدگي ڏيکارڻ گهرجي. ماڻهن کي احتجاج تي مجبور ڪرڻ بدران سندن شڪايت جو ازالو ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. احتجاج، روڊ بند ڪرڻ ۽ دٻاءُ وجهڻ کان اڳ جيڪڏهن پوليس پنهنجي ذميواري پوري ڪري ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچي سگهي ٿي.هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عظيم سيال جي مبينا اغوا واري واقعي جي شفاف ۽ تيز جاچ ڪئي وڃي، سندس موجودگيءَ بابت هر ممڪن رخ کان معلومات گڏ ڪئي وڃي، پنو عاقل جي سڌوجا ٿاڻي جي حد مان هٿ آيل ڪار کي جاچ جو اهم حصو بڻايو وڃي ۽ جديد ٽيڪنالاجي، موبائل ڊيٽا، سي سي ٽي وي ۽ ٻين ذريعن سان ڏوهارين تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ساڳئي وقت سندس خاندان ۽ صحافي برادري کي به باقاعده اڳڀرائيءَ کان آگاهه رکيو وڃي.

سنڌ حڪومت کي هاڻي امن امان بابت روايتي دعوائن کان اڳتي وڌڻو پوندو. سنڌ پوليس کي به اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته قانون جي بالادستي رڳو بيانن تائين محدود ناهي. جيڪڏهن اغواڪار، ڦورو ۽ هٿياربند ڏوهاري بي خوف ٿي پنهنجي سرگرميون جاري رکي سگهن ٿا ته پوءِ سوال لازمي طور تي پوليس جي ڪارڪردگيءَ تي اٿندو. سنڌ جي عوام کي امن، تحفظ ۽ قانون جي حڪمراني گهرجي. عظيم سيال جي جلد ۽ محفوظ بازيابي ان سلسلي ۾ هڪ اهم امتحان آهي. حڪومت ۽ پوليس لاءِ هاڻي وقت بيانن جو نه، پر عملي ڪارروائيءَ جو آهي. سنڌ کي اهڙو نظام گهرجي، جتي ڏوهاري قانون کان نه، پر قانون ڏوهارين تي غالب هجي.

You might also like