جنگ ڪا بهادري نه پر بيوقوفي آهي، جنگين جا ڪي به فائدا ناهن انهن جو مقصد هٿيارن ٺاهيندڙن جي ڪمائي آهي:اسٽالون

هالي ووڊ جي مشهور اداڪار سلويستر اسٽالون جنگن کي بيوقوفي قرار ڏيندي چيو آهي ته جنگ جو مقصد جنگي ادارن ۽ هٿيار ٺاهيندڙن لاءِ وڏي رقم ڪمائڻ آهي.

آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز کي ڏنل انٽرويو دوران 80 ورهين جي سلويستر اسٽالون کان پڇيو ويو ته ڇا 1980ع واري ڏهاڪي جي جنگي فلم ’ريمبو‘ سندس ذاتي سوچ ۽ نظرين جي عڪاسي ڪندي هئي؟

ان تي هن چيو ته هاڻي هو سمجهي ٿو ته سڀ جنگيون بيوقوفي آهن. جنگ ٻنهي ڌرين کي تباهه ڪري ٿي، جڏهن ته نوجوان فوجي جنگ ۾ پنهنجون جانيون ۽ جسم وڃائي ويهن ٿا.

سلويستر اسٽالون چيو ته جيڪڏهن اوهان تي حملو ٿي رهيو هجي ته يقيناً اوهان کي پنهنجو بچاءُ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هو هن وقت سياست ۾ وڃڻ نٿو چاهي، پر بنيادي طور تي سڀ جنگيون ٻنهي ڌرين کي تباهه ڪري ڇڏين ٿيون.

هن چيو ته جنگن جي نتيجي ۾ هڪ خوفناڪ تاريخ جنم وٺي ٿي، دشمنيون نسلن تائين هلنديون رهن ٿيون، ملڪ تباهه ٿي وڃن ٿا ۽ سرحدن جون حدون ٻيهر ٺهن ٿيون، آخر اهو سڀ ڪنهن لاءِ؟

هالي ووڊ اداڪار چيو ته هاڻي کيس احساس ٿئي ٿو ته هر جنگ بي مقصد ۽ بي فائدي هوندي آهي. جنگ جنگي کاتن ۽ هٿيار ٺاهيندڙ ادارن لاءِ تمام گهڻي رقم ڪمائڻ جو ذريعو بڻجي وڃي ٿي، جڏهن ته نوجوانن کي جنگ جي گهاڻي ۾ اڇلايو وڃي ٿو، جتي سندن جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃن ٿا.

هن چيو ته جڏهن اهي فوجي پنهنجا هٿ يا جسم جو ڪو ٻيو حصو وڃائي واپس اچن ٿا ته کين چيو وڃي ٿو ته افسوس، هاڻي پنهنجو خيال پاڻ رکجو. هن چيو ته کيس ان ڳالهه کان نفرت آهي ۽ هو ان جي سخت مخالفت ڪري ٿو.

سلويستر اسٽالون وڌيڪ چيو ته هڪ وقت هو جڏهن هو جنگ جو تمام گهڻو پُرجوش حامي هو، پر حقيقت ۾ اها سندس ناداني هئي. پوءِ هن سوچيو ته جنگ انتهائي بي رحم ۽ خوفناڪ عمل آهي، جنگ ۾ ڪا به شان يا بهادري ناهي، بلڪل به ناهي.

You might also like