بلوچستان: سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 96 ڪلاڪن ۾ 70 کان مٿي دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)سيڪيورٽي فورسز گذريل ڪجهه ڏينهن دوران بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڳجهن ڄاڻن جي بنياد تي ڪارروايون ڪندي فتنا الخوارج ۽ فتنا الهندستان سان لاڳاپيل 70 کان وڌيڪ دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پاڪ فوج جي رابطن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب ڳجهن ادارن بلوچستان جي شعبان واري علائقي ۾ فتنة الخوارج ۽ فتنة الهندستان جي ٺڪاڻن جي نشاندهي ڪئي.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڳجهن ڄاڻن جي بنياد تي سيڪيورٽي فورسز زيارت ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪارروائي ڪئي. ڪارروائي دوران دهشتگردن سان مقابلو ٿيو ۽ ڪيترائي ٺڪاڻا صاف ڪيا ويا. سخت فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 33 دهشتگرد مارجي ويا، جيڪي مقامي آبادي لاءِ خطرو بڻيل هئا.

ان کانسواءِ فورسز نوشڪي ۾ به ڳجهن ڄاڻن جي بنياد تي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي نشانو بڻايو، جنهن دوران ڀارت جي سرپرستيءَ ۾ سرگرم 11 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب مند ۾ به سيڪيورٽي فورسز فتنة الهندستان سان لاڳاپيل 6 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته ڪارروائي دوران وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب گذريل 96 ڪلاڪن دوران 70 کان وڌيڪ دهشتگرد مارجي چڪا آهن، جنهن سان ڀارت جي پٺڀرائيءَ ۾ سرگرم افغان هٿياربند ٽولين کي وڏو ڌڪ رسيو آهي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردي ۾ افغان طالبان حڪومت جو ملوث هجڻ امن لاءِ خطرو آهي، جڏهن ته انهن کي ڀارت طرفان پٺڀرائي ۽ مڪمل سهڪار حاصل آهي.

آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته عزمِ استحڪام واري تصور تحت دهشتگردي خلاف مهم جاري رهندي، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

You might also like