خريدارن لاءِ خوشخبري، سون سوين رپيا لَهي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي وياج واري شرح ۾ واڌ جي امڪانن سبب عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي اگهن ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي..
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 21 ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 هزار 284 ڊالرن جو ٿي ويو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ سون اگهه ۾ لاٿ جو اثر مقامي مارڪيٽ تي به پيو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 2100 رپيا سهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 50 هزار 936 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون به 1800 رپيا گهٽتائي سان 3 لک 86 هزار 604 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

You might also like