مڪو شريف (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ سعودي بچاءَ واري وزير شهزادي خالد بن سلمان وچ ۾ اهم ملاقات ٿي.
سعودي بچاءَ واري وزير شهزادي خالد بن سلمان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات جي تصوير به جاري ڪئي.
فيلڊ مارشل سان ملاقات بابت سعودي بچاءَ واري وزير چيو ته مڪي معاهدي ۾ شامل ملڪن جي فوجي سربراهن جي اجلاس جي نتيجن کي ساراهيو ويو، جڏهن ته سعودي عرب ۾ شهري ۽ اقتصادي انفرااسٽرڪچر تي حملن بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
هن چيو ته حملن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ واري عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو ويو.
مڪي معاهدي کانپوءِ اهم اڳڀرائي، عاصم منير ۽ سعودي بچاءَ واري وزير جو علائقائي سلامتي بابت غور
You might also like