ڊيرا اسماعيل خان ۾ آپگهاتي ڌماڪو، 11 ڄڻا شهيد، ڪيئي زخمي، سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ دهشتگردن وچ ۾ شديد فائرنگ

پشاور (ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان جي درازندا واري علائقي ۾ امن ميلي چيڪ پوسٽ ڀرسان ٿيل آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا شهيد ۽ 30 زخمي ٿي پيا آهن.
شروعاتي اطلاعن موجب، ٽريڪٽر ٽرالي ۾ سوار هڪ شخص آپگهاتي حملو ڪيو.
پوليس موجب حملي ۾ ڪسٽم اهلڪارن، هڪ ٻار ۽ 2 شهرين سميت 10 ڄڻا شهيد ۽ 30 زخمي ٿيا، جڏهن ته ريسڪيو اختيارين 11 ڄڻن جا لاش واقعي واري هنڌ تان منتقل ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي.
ڌماڪي کانپوءِ سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ حملو ڪندڙن ۾ شديد فائرنگ به شروع ٿي وئي.
ريسڪيو 1122 موجب، درازندا امن ميلي ڀرسان ڌماڪي جي اطلاع ملندي ئي درازندا اسٽيشن جي ٽيم فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون.
ضلعي ايمرجنسي آفيسر محمد عارف خان جي هدايت تي ڊيرا اسماعيل خان مان وڌيڪ 4 ايمبولينسون عملي سميت واقعي واري هنڌ روانيون ڪيون ويون.
ريسڪيو 1122 موجب، ابتدائي امدادي ڪارروائين دوران 30 زخمين کي طبي امداد فراهم ڪرڻ کانپوءِ مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته 11 شهيدن جا لاش پڻ واقعي واري هنڌ تان منتقل ڪيا ويا.
درازندا امن ميلي چيڪ پوسٽ تي حملي بابت خيبرپختونخوا جي گورنر اعليٰ اختيارين کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
گورنر چيو آهي ته حملو فتنه الهندستان خارجين جي ناپاڪ سازش آهي.
هن چيو ته زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪئي ويندي.
ريسڪيو 1122 موجب، امدادي ٽيمون اڃا تائين واقعي واري هنڌ موجود آهن ۽ زخمين کي ڪڍڻ سان گڏ طبي امداد فراهم ڪرڻ جو عمل جاري آهي.

You might also like