ميري ايڪ ٽانگ نقلي هي“، مشتاق خان کي ڏيهان ڏيهه مشهور ڪندڙ ڊائيلاگ فلم جو حصو ئي نه هو! انيس بزمي جو انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بلاڪ بسٽر بالي ووڊ فلم ”ويلڪم“ جي هدايتڪار انيس بزمي انڪشاف ڪيو آهي ته اداڪار مشتاق خان جي شهرت جو ڪارڻ بڻجندڙ ڊائلاگ ”ميري ايڪ ٽانگ نقلي هي“ اصل ۾ فلم جي اسڪرپٽ جو حصو نه هو.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي انيس بزمي ٻڌايو ته مشتاق خان جو فلم ۾ ڪردار مختصر هو، ان باوجود هن ڪم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو.
هدايتڪار موجب، شروع ۾ هن مشتاق خان کي چيو هو ته هو باڊي گارڊ جي پٺيان بيهندو، پر کيس پڪ ڏياري ته سندس لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪيو ويندو.
ان کانپوءِ هن مشتاق خان جي ڪردار تي وڌيڪ ڪم ڪيو ۽ سندس لاءِ هڪ منظر ترتيب ڏنو ويو .
انيس بزمي ياد ڪندي ٻڌايو ته هن نانا پاٽيڪر ۽ انيل ڪپور کي چيو ته هو ٻئي نه ڳالهائيندا، پر سندن پويان بيٺل شخص ڳالهائيندو. انيس بزمي موجب، ٻئي اداڪار تمام سٺا فنڪار ۽ سندس سٺا دوست به آهن، تنهنڪري هو فوري طور راضي ٿي ويا.
واضح رهي ته فلم ”ويلڪم“ 2007ع ۾ رليز ٿي هئي، جنهن ۾ اڪشي ڪمار، ڪترينا ڪيف، نانا پاٽيڪر، انيل ڪپور، پريش راول ۽ مليڪا شراوت مُک ڪردار ادا ڪيا هئا.
مشتاق خان جو ڄاڻايل ڊائلاگ فلم سان منسوب يادگار جملن ۾ شامل ٿي ويو هو.
هدايتڪار موجب، اداڪار هڪ ڀيرو کيس چيو هو ته ”يقين ڪريو، مون ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي، پر ماڻهو اڄ به مون کي ان ئي ڊائلاگ جي ڪري سڃاڻن ٿا.“
مشتاق خان پنهنجي فلمي ڪيريئر دوران ڪيترين ئي هندي فلمن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ ويلڪم، غدر ۽ هيرا ڦيري شامل آهن.
ياد رهي ته مشتاق احمد ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جهيڙيندي 56 ورهين جي ڄمار ۾ خميس ڏينهن ممبئي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ دم ڏنو.
مرحوم کي جمعي ڏينهن هزارين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

You might also like