سکر (ويب ڊيسڪ) جيئي سنڌ قومي محاذ (شهيد بشير خان) 8 نومبر تي ڪراچي ۽ 15 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ ريليون ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي.
سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جسقم جي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ جي امڪاني ورهاڱي خلاف قوم گڏ ٿي چڪي آهي، هر سنڌي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته نوان صوبا ۽ انتظامي يونٽ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن.
هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت طرفان سنڌ جي ورهاڱي ۽ انتظامي يونٽ وارو اعلان واپس وٺڻ تائين جدوجهد جاري رهندي.
جسقم جو سنڌ جي امڪاني ورهاڱي خلاف 8 نومبر تي ڪراچي ۽ 15 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ ريلي جو اعلان
You might also like