هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالاجي يا اَي آءِ جي تيزيءَ سان ٿيندڙ ترقي سان گڏ ان جي امڪاني خطرن بابت بحث پڻ وڌي رهيو آهي، جڏهن ته ڪجهه آمريڪي عيسائي مذهبي اڳواڻن طرفان اهو سوال به اٿاريو پيو وڃي ته ڇا هٿرادو ڏاهپ دنيا جي آخري زماني((دنيا جي خاتمي) بابت مذهبي تصور سان لاڳاپيل ٿي سگهي ٿي.
آمريڪي شهر اٽلانٽا سان واسطو رکندڙ پادري فلپ انٿوني مچل اڳ ئي اهو خيال ظاهر ڪري چڪو آهي ته هٿرادو ڏاهپ آخري زماني ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
جڏهن ته پادري گريگ لوري به سوال اٿاريو آهي ته ڇا اَي آءِ آخري زماني جي منظرنامي جو حصو ٿي سگهي ٿي، جنهن بابت سندس چوڻ آهي ته اهو ممڪن آهي.
ٻئي پاسي، پادري مائيڪ سائنوريلي پنهنجي لکڻين ۽ پوڊڪاسٽس ۾ مصنوعي ذهانت کي دجال سان لاڳاپيل امڪاني نظام سان جوڙيو آهي.
سندس خيال ۾ مستقبل ۾ اَي آءِ ماڻهن کي اهڙي نموني متاثر ڪري سگهي ٿي، جو اها روحاني يا مذهبي اختيار جي متبادل طور پيش ٿيڻ لڳي.
سائنوريلي جي پنهنجي ويب سائيٽ تي پڻ اَي آءِ ۽ دجال بابت اهڙا خيال بيان ڪيا ويا آهن.
جڏهن ته پادري گريگ لوري فيبروري 2026ع ۾ پنهنجي لکڻي ۾ واضح ڪيو ته هو اَي آءِ کي پاڻ دجال نٿو سمجهي.
سندس چوڻ هو ته بائبل ۾ دجال کي هڪ حقيقي شخص طور بيان ڪيو ويو آهي.
مذهبي عالمن موجب ”آخري زمانو“ عيسائيت ۾ دنيا جي خاتمي ۽ ان بابت اڳڪٿين لاءِ استعمال ٿيندڙ تصور آهي.
بائبل جي آخري ڪتاب ”مڪاشفه“ ۾ علامتي منظرنامن جو ذڪر ملي ٿو، جن کي مختلف عيسائي ڌڙا مختلف انداز ۾ سمجهن ٿا. ڪجهه انهن کي علامتي ۽ تاريخي واقعن سان واڳيل سمجهن ٿا، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو انهن کي مستقبل بابت حقيقي اڳڪٿي تصور ڪن ٿا.
هٿرادو ڏاهپ بابت مذهبي بحث رڳو دجال تائين محدود ناهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته تيزيءَ سان ٿيندڙ ٽيڪنالاجي تبديلي، روزگار تي امڪاني اثرن ۽ اَي آءِ جي وڌندڙ استعمال سبب ماڻهن ۾ غيريقيني ۽ مستقبل بابت خدشا پڻ وڌي رهيا آهن.
آمريڪا ۾ اَي آءِ ۽ مذهبي اخلاقيات تي تحقيق ڪندڙ پروفيسر نورين هرزفيلڊ موجب، تيز سماجي ۽ ٽيڪنالاجي تبديلي جي دور ۾ دنيا جي خاتمي بابت بحث ٻيهر زور وٺڻ عام ڳالهه آهي.
سندس خيال ۾ اهڙا مذهبي تصور ماڻهن کي موجوده سماجي دٻاءَ ۽ تبديلين کي سمجهڻ لاءِ هڪ فريم ورڪ فراهم ڪن ٿا.
2022ع جي پيو ريسرچ سينٽر جي سروي موجب، اٽڪل 40 سيڪڙو بالغ آمريڪين جو خيال هو ته دنيا ”آخري زماني“ کان اڳ واري دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته عيسائين ۾ اهو انگ 47 سيڪڙو هو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته تاريخ ۾ به مختلف دورن دوران جنگين، معاشي بحرانن، سياسي ڇڪتاڻ ۽ سماجي ڦيرڦار کي دنيا جي خاتمي بابت مذهبي اڳڪٿين سان ڳنڍيو ويندو رهيو آهي.
آسٽريلوي پادري اسٽيفن ڊرسڪول موجب، اَي آءِ کي دجال سان جوڙڻ ممڪن طور هڪ مذهبي تشريح ٿي سگهي ٿي، پر بائبل جي بنياد تي مستقبل بابت حتمي اڳڪٿي ڪرڻ درست طريقو ناهي.
سندس خيال ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت وڌيڪ اهم سوال اهو آهي ته ان کي انسانن لاءِ محفوظ، ذميوار ۽ لاڀائتو ڪيئن بڻايو وڃي.
خدا جي فرمانبرداري ڪريو
پراڻي عهدنامي ۾ زرعي ٽيڪنالاجي ۾ ٿيندڙ جدتن، مثال طور اَن ڳاهه لاءِ استعمال ٿيندڙ گاڏين ۽ ٻين اوزارن جو ذڪر ملي ٿو ۽ چيو ويو آهي ته اهو سڀ ڪجهه خدا طرفان آهي.
اسٽيفن ڊرسڪول موجب، ”خدا ٽيڪنالاجي جي حڪمت رکندڙ خدا آهي“ ۽ پٿر، پِتل، لوهه ۽ فولاد جي دورن کان وٺي ايٽمي ٽيڪنالاجي ۽ اَي آءِ تائين، هر دور جي ٽيڪنالاجي تي آخرڪار سندس ئي اختيار آهي.
ڊرسڪول موجب، ”جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو، اهو سڀ سٺو ناهي هوندو“، پر سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ”خدا سٺو آهي ۽ سڀ ڪجهه سندس ئي اختيار ۾ آهي.“