ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا شروتي هاسن فلم انڊسٽري ۾ ڪم دوران تڪليف ڏيندڙ ماهواري کي منهن ڏيڻ بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته هڪ ڀيري هن به خواهش ڪئي ته مردن کي به پيريڊز اچن.
اداڪارا سوها علي خان جي پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي شروتي هاسن مذاق ڪندي چيو ته هن ”هزار ڀيرا دعا ڪئي“ آهي ته مردن کي به ماهواري اچي، ته جيئن پيريڊز جي موڪل کي ڪم جي معاهدن جو حصو بڻائي سگهجي.
شروتي چيو ته مذاق کان هٽي ڪري سندس ڳالهه جو مقصد اهو هو ته ڪم جي هنڌن تي ماهواري جي تڪليف کي اڪثر سمجهيو يا کلي ڳالهائڻ جو موضوع نه بڻايو ويندو آهي.
اداڪارا ٻڌايو ته کيس ماهواري دوران تڪليف ٿيندي آهي ۽ ڪيريئر جي شروعاتي دور ۾ جڏهن کيس تڪليف ٿيندي هئي ته هوءَ ڊائريڪٽرن کي ٻڌائڻ کان پاسو ڪندي هئي، ڇاڪاڻ ته کيس اهو موضوع ڳالهائڻ ۾ ڏکيو ۽ اڻ وڻندڙ محسوس ٿيندو هو.
هن هڪ ساٿي اداڪار جي گوڏي جي تڪليف جو واقعو به ٻڌايو، جنهن بابت فلم جي ٽيم کي کليل نموني ٻڌايو ويو ۽ سندس حالت کي نظر ۾ رکندي شوٽنگ جو شيڊيول ترتيب ڏنو ويو.
شروتي چيو ته ان تجربي کانپوءِ کيس احساس ٿيو ته هوءَ به پنهنجي تڪليف بابت ايمانداري سان ڳالهائي سگهي ٿي.
شروتي ٻڌايو ته نيٺ هن هڪ ڊائريڪٽر کي پنهنجي ماهواري جي تڪليف بابت ٻڌايو ته هدايتڪار سندس ڳالهه کي سمجهيو، ڇاڪاڻ ته هن ان کي پنهنجي ڌيءَ جي تجربي سان جوڙيو.
شروتي هاسن جي بيان کانپوءِ ڪم وارن هنڌن تي عورتن جي صحت، ماهواري بابت همدردي ۽ اهڙو ماحول فراهم ڪرڻ جي اهميت تي بحث شروع ٿي ويو آهي، جتي عورتون بنا شرمندگي يا ڪنهن جي فيصلي جي ڊپ جي ماهواري بابت ڳالهائي سگهن.
You might also like