جلدي ڪم نه ڪريو، اوڀر پاڪستان ۾ به تيزي ڪئي هئي، اڄ تائين اِها ”تڪڙ“ اسان جي ڳچيءَ ۾ پيل آهي: ڪيپٽن صفدر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪمران جماعت پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ڪيپٽن صفدر چيو آهي ته ڪم تيزيءَ سان نه ڪيو وڃي، ڇو ته ماضي ۾ به اسان اوڀر پاڪستان ۾ بنگلاديش جون چونڊون تيزيءَ سان ڪرايون هيون ۽ اڄ تائين اها تيزي اسان جي ڳچيءَ ۾ پيل آهي.
هن چيو ته پاڪستان هڪ ملڪ آهي، جيڪو آئين تحت هلي ٿو، ان ڪري اهو ڪم به پارليامينٽ جي ذريعي ڪيو ويندو، جڏهن ته ضرورت پئي ته ملڪ ۾ ريفرنڊم به ڪرايو ويندو.
ڪيپٽن صفدر چيو ته اسان پنهنجي ايندڙ نسل ۽ قوم کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سڀ کان پهريان هزارا صوبو بڻجندو، جنهن لاءِ اسان پنج لاش کنيا آهن.
هن چيو ته ان کانپوءِ هر صوبي جون پنهنجون اسيمبليون آهن، انهن جون قراردادون اينديون.
سندس چوڻ هو ته هزارا صوبي جي حوالي سان اسان جون قراردادون ڪيترائي ڀيرا پارليامينٽ ۾ اچي چڪيون آهن، 2009ع جي اسيمبلي ۾ مون پوري دليلن سان 1901ع جي ريفرنس جي حوالي سان ڳالهه ڪئي هئي.
ڪيپٽن صفدر چيو ته پهريان هزارا صوبو ٺاهيو، ان کانپوءِ توهان سان گڏ ويهي ڳالهائينداسين.
هن چيو ته مان هميشه اهو آواز اٿاريندو رهيو آهيان ته جيڪو ماڻهو ڳوٺن، پاڙن ۽ گهٽين ۾ گهمي ووٽ نه گهري، ان کي ووٽ جي قدر جي خبر ناهي. اسان سياسي جماعتن ۾ اهڙن ماڻهن کي، جيڪي غير سياسي هوندا آهن، پنهنجي ڪارڪنن جي قرباني ڏئي سينيٽ ۾ آڻيون ٿا يا مخصوص سيٽن تي ويهاريون ٿا. اتي ميرٽ ناهي ته پوءِ ميرٽ ڪيئن ايندو؟
هن چيو ته هاڻي جيڪڏهن ڪو چوي ٿو ته ڪم تيزيءَ سان ڪرڻ چاهي ٿو ته تيزيءَ سان ته الله ئي هلائي سگهي ٿو، انسان نٿو هلائي سگهي. مان پنهنجي پارٽي سان شڪايت نه ڪري رهيو آهيان، مان پاڪستان جي سياسي نظام سان شڪايت ڪري رهيو آهيان.
ڪيپٽن صفدر چيو ته هڪ بورڊ ٺهي ٿو، جنهن ۾ ٽڪيٽن بابت اعلان ٿين ٿا، پارٽي جو سربراهه ويهي ٿو ۽ ماڻهن جي تاريخ ڏٺي وڃي ٿي. اسان جي جماعت جيڪڏهن ڪنهن ايم پي اي کي ٽڪيٽ ڏئي ٿي ته پنج ڇهه مهينا اڳ ٽيمون ٺاهي ان جي تڪ ۾ موڪليون وڃن ٿيون، جيڪي مختلف هنڌن تي وڃي ان جي ڪردار بابت ڄاڻ حاصل ڪن ٿيون، ان کانپوءِ بورڊ فيصلو ڪري ٽڪيٽ ڏئي ٿو.
هن چيو ته جيڪڏهن هزارا يا خيبرپختونخوا سندس نظرياتي مسئلو آهي ته هو پنهنجي صوبي لاءِ ڇو نه وڙهندو؟ هو نقوي صاحب کي اهو اختيار ڇو ڏئي ته هو هزارا صوبي جا فيصلا ڪري؟
هن چيو ته سردار محمد يوسف موجود آهي، صفدر موجود آهي، جڏهن ته باقي سموريون جماعتون، پي ٽي آءِ هجي، مولانا فضل الرحمان هجي، جماعت اسلامي وارا هجن يا اي اين پي وارا، اسان سڀ ايبٽ آباد، هريپور ۽ مانسهرا ۾ گڏجي پروگرام ڪري هزارا صوبي جي ڳالهه ڪندا آهيون.
ڪيپٽن صفدر چيو ته پهريان هزارا صوبو ٺاهيو، ان کانپوءِ نقوي صاحب سان ڳالهه ٿيندي، هي معاملو پارليامينٽ حل ڪندي، نه صفدر ڪري سگهي ٿو، نه علوي ڪري سگهي ٿو ۽ نه نقوي ڪري سگهي ٿو، اهو فيصلو پارليامينٽ ڪندي.
هن چيو ته سنڌ اسيمبلي قراردادون منظور ڪري چڪي آهي. انهن چيو هو ته ڪالاباغ ڊيم نٿو ٺهي سگهي، ان اسيمبلي جو احترام ڪيو ويندو ۽ ان سان دليل سان ڳالهه ڪئي ويندي.
ڪيپٽن صفدر چيو ته جيڪڏهن سنڌ وارن قرارداد منظور ڪئي هئي ته ڪالاباغ ڊيم نه ٺهندو، ته پوءِ اڄ تائين ان راءِ جو احترام ٿي رهيو آهي يا نه؟ تنهن ڪري جمهوريت جي دائري ۾ ويهي ڳالهه ٿيندي، ان کانپوءِ اڳتي وڌنداسين. ترقي جو عمل روڪڻ نه گهرجي.

You might also like