جهلم (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي فيول رليف اسڪيم تحت موٽرسائيڪل سوارن کي وڏو رليف ڏنو پيو وڃي، جنهن تحت 600 رپين جو پيٽرول ڀرائڻ تي موٽرسائيڪل سوار کي پنهنجي کيسي مان رڳو 100 رپيا ادا ڪرڻا پوندا، جڏهن ته باقي 500 رپيا حڪومت سبسڊي طور برداشت ڪندي.
ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني جهلم، سوهاوا ۽ دينه ۾ مختلف پيٽرول پمپن ۽ مسلم ليگ (ن) طرفان قائم ڪيل رجسٽريشن ڪيمپن جو تفصيلي دورو ڪيو.
هن شهرين کي سستو پيٽرول فراهم ڪرڻ، رجسٽريشن جي عمل ۽ ٽوڪن حاصل ڪرڻ واري طريقيڪار جو پاڻ جائزو ورتو.
مملڪتي وزير 9771 تي پيغام موڪلي رجسٽريشن ۽ ٽوڪن حاصل ڪرڻ واري عمل جو پڻ پاڻ مشاهدو ڪيو.
هن ٻڌايو ته عوام کي ٽوڪن جاري ڪرڻ ۽ سستو پيٽرول شفاف نموني فراهم ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل مانيٽرنگ جو نظام فعال آهي.
بلال اظهر ڪياني مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته وزيراعظم فيول رليف اسڪيم جا ڪيمپ قائم ڪري شهرين جي فوري رهنمائي ۽ سهڪار کي يقيني بڻايو وڃي.
هن اعلان ڪيو ته عوام جي سهولت لاءِ موٽرسائيڪل سوارن کي 500 رپين جي سبسڊي وارو ٽوڪن جاري ڪيو پيو وڃي.
ان نظام تحت جيڪڏهن ڪو موٽرسائيڪل سوار 600 رپين جو پيٽرول ڀرائيندو ته کيس پنهنجي کيسي مان رڳو 100 رپيا ادا ڪرڻا پوندا، جڏهن ته باقي رقم حڪومت برداشت ڪندي.
Prev Post
You might also like