ايف پي ايس سي جا سمورا انٽرويو ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گادي واري شهر ۾ روڊن جي بندش ۽ امن امان جي صورتحال سبب فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) جا 24 ۽ 25 سيپٽمبر تي مقرر سمورا انٽرويو ملتوي ڪيا ويا آهن.
اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ روڊن جي بندش ۽ موجوده امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايف پي ايس سي 24 ۽ 25 سيپٽمبر تي ٿيندڙ سمورا انٽرويو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ان حوالي سان ايف پي ايس سي طرفان باظابطا پبلڪ نوٽيس پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
پبلڪ نوٽيس موجب، 24 ۽ 25 سيپٽمبر تي اسلام آباد، لاهور ۽ پشاور جي سينٽرن تي انٽرويو شيڊيول هئا.
ڪميشن جو چوڻ آهي ته روڊن جي بندش، رنڊڪن ۽ امن امان جي صورتحال سبب اميدوارن کي سفر ۽ سينٽرن تائين پهچڻ ۾ امڪاني ڏکيائين کان بچائڻ لاءِ انٽرويو ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ايف پي ايس سي اختيارين موجب، ملتوي ڪيل انٽرويوز جي نئين تاريخن ۽ نئين شيڊيول بابت تفصيل بعد ۾ جاري ڪيا ويندا، جنهن بابت اميدوارن کي بروقت آگاهه ڪيو ويندو.

You might also like