ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ گڏيل عرب امارتن جي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميثي وچ ۾ ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ افرادي قوت، روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ، فني تربيت ۽ باهمي سهڪار کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ڪراچي ۾ گڏيل عرب امارتن جي قونصل خاني جو دورو ڪيو، جتي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميثي سندس گرمجوشي سان آڌر ڀاءُ ڪيو.
ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
چوڌري سالڪ حسين چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب رياستن وچ ۾ لاڳاپا انتهائي مثالي آهن، جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن.
هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ افرادي قوت، روزگار جي فراهمي، پيشيوراڻي تربيت ۽ گڏيل سهڪار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ مسلسل ڪم جاري آهي.
اماراتي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميثي ملاقات کي انتهائي خوشگوار ۽ هاڪاري قرار ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن طرفان گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سنجيدا ڪوششون جاري آهن.
هن اميد ظاهر ڪئي ته مستقبل ۾ پاڪستان ۽ يو اي اي وچ ۾ لاڳاپن ۾ وڌيڪ هاڪاري اڳڀرائي ٿيندي.
ملاقات دوران وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين کي يو اي اي قونصليٽ ۽ ويزا سينٽر جو دورو پڻ ڪرايو ويو، جتي اختيارين کيس ويزا پروسيسنگ ۽ درخواستگذارن کي فراهم ڪيل مختلف سهولتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
Next Post
You might also like