مريم نواز جي اثاثن جي فارنزڪ آڊٽ ڪرائي وڃي: حافظ نعيم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي اثاثن جو فرانزڪ آڊٽ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته مريم نواز ٻڌائي ته 2 ڪروڙ 72 لک رپيا ڪٿان آيا ۽ انهن تي ڪيترو ٽيڪس ادا ڪيو ويو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته جماعت اسلامي جي جدوجهد جي نتيجي ۾ اڄ عوام کي ڀتي ۽ ليوي بابت ڄاڻ ملي چڪي آهي.
حڪومت سان ڳالهين جا 6 دور ٿي چڪا آهن ۽ ليوي جي خاتمي کي ڪيئن ممڪن بڻائي سگهجي ٿو، اهو حڪومت کي ٻڌائي چڪا آهيون.
هن چيو ته حڪومت وٽ آءِ ايم ايف ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي بهانن کانسواءِ ڪجهه ناهي، آءِ ايم ايف پروگرام ۾ ليوي لاڳو ڪرڻ جي ڪا لازمي شرط ناهي، عالمي مالياتي اداري رڳو وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.
حافظ نعيم الرحمان دعويٰ ڪئي ته ايف بي آر ۾ 1300 ارب رپين جي ڪرپشن ٿي آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف وڏن زميندارن کان ٽيڪس نه وٺڻ جي ڪا هدايت ناهي ڪئي.
هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته هڪ سيڪريٽري آءِ ايم ايف معاهدي ۾ ليوي جي شرط نه هجڻ جي ڳالهه ڪئي ته کيس خاموش ڪرايو ويو.
جماعت اسلامي جي امير چيو ته حڪومت جو اهو موقف غلط آهي ته وياج جي شرح گهٽائڻ سان مهانگائي وڌندي، ڇاڪاڻ ته وياج جي شرح گهٽ ٿيڻ سان مهانگائي ۾ گهٽتائي ايندي آهي.
هن چيو ته ايس سي او اجلاس لاءِ نيون گاڏيون خريد ڪيون پيون وڃن، پر گاڏين سان سربراهه اجلاس ڪامياب ناهن ٿيندا.
حافظ نعيم الرحمان چيو ته وزيراعظم ساڻس رابطو ڪري لانگ مارچ ملتوي ڪرڻ لاءِ چيو هو، پر هن واضح ڪيو ته لانگ مارچ نه ملتوي ڪيو ويندو ۽ نه ئي ختم ڪيو ويو آهي، رڳو وقفو ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته ڌرڻا ۽ احتجاج جاري آهن. حڪومت رليف پيڪيج ڏئي ڇڏيو ته احتجاج ختم ڪري ڇڏينداسين، ٻي صورت ۾ ليوي ختم نه ٿيڻ جي صورت ۾ آڪٽوبر جي پهرين هفتي ۾ لانگ مارچ اتيان ٻيهر شروع ڪيو ويندو، جتان ان کي روڪيو ويو هو.

You might also like