پاڪستان پي آءِ اي، ريڪوڊڪ ۽ ريفائنري منصوبن لاءِ آمريڪي ايڪسِم بئنڪ کان مالي مدد گهري ورتي

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي ناڻي ۽ روينيو وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب آمريڪي ايڪسپورٽ امپورٽ بئنڪ (ايڪسِم بئنڪ) جي چيئرمين جان جووانووچ سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪستان جي اهم اقتصادي ۽ صنعتي منصوبن لاءِ مالي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات دوران پي آءِ اي جي هوائي جهازن جي فليٽ ۾ واڌ، ريفائنرين جي اپ گريڊيشن ۽ ريڪوڊڪ منصوبي لاءِ امڪاني مالي سهڪار تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ناڻي واري وزير پي آءِ اي طرفان بوئنگ جهازن، خاص طور تي بوئنگ 787 ڊريم لائنر جهازن جي خريداري ۾ دلچسپي کان آگاهه ڪندي جهازن ۽ انهن جي انجڻن جي خريداري لاءِ مالي پيڪيج ۾ سهڪار جي درخواست ڪئي.
هن گرائونڊ ٿيل بوئنگ 777 جهازن کي ٻيهر فعال بڻائڻ لاءِ گهربل اسپيئر پارٽس جي ضرورت بابت پڻ آگاهه ڪيو.
ٻنهي ڌرين اتفاق ڪيو ته مخصوص منصوبن تي اڳڀرائي سان گڏ ڊگهي سهڪار جي فريم ورڪ تي پڻ ڪم جاري رکيو ويندو.
ان ڏس ۾ جهازن جي اڳواٽ ادائيگين لاءِ امڪاني فنانسنگ ۽ ريفائنرين جي اپ گريڊيشن منصوبن ۾ آمريڪي ايڪسِم بئنڪ جي سهڪار جو پڻ جائزو ورتو ويو.
ريڪوڊڪ منصوبي بابت ڳالهائيندي محمد اورنگزيب ان کي پاڪستان جي مستقبل جي برآمدات ۽ معاشي ترقي لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو ۽ چيو ته منصوبي ۾ دير جا معيشت تي وڏا اثر پئجي سگهن ٿا.
هن ريڪوڊڪ منصوبي لاءِ آمريڪي ايڪسِم بئنڪ جي مسلسل دلچسپي ۽ سهڪار جي آجيان پڻ ڪئي.

You might also like