پي ٽي آءِ احتجاج روڪڻ لاءِ فوج نه گهرائبي، انهن کي پوليس، رينجرز ۽ ايف سي سان منهن ڏيندي: طلال چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي احتجاج کي روڪڻ لاءِ فوج مقرر نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري برطانوي ميڊيا کي ٻڌايو ته حڪومت احتجاج جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ فوج مقرر نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته گهرو وزارت پوليس، رينجرز ۽ ايف سي ذريعي احتجاج کي منهن ڏيندي.
هن چيو ته ضرورت پوڻ تي سنڌ ۽ پنجاب پوليس کان به اهلڪار گهرائڻ لاءِ درخواست ڪئي وئي آهي، جڏهن ته صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ضرورت موجب ”فورس“ جو استعمال پڻ ڪيو ويندو.
طلال چوڌري موجب، تعليمي ادارا ۽ شاپنگ سينٽر بند ڪرڻ جو في الحال ڪو منصوبو ناهي، معمول موجب ڪاروباري ۽ روزمرهه جون سرگرميون جاري رهنديون.

You might also like