ٿرپارڪر، جيڪو پنهنجي ثقافتي سونهن، روايتن ۽ صحرا جي فطري خوبصورتي سبب سڃاتو وڃي ٿو، اتي جي رهواسين لاءِ صحت جو نظام هڪ نه ختم ٿيندڙ بحران بڻجي چڪو آهي. بنيادي طبي سهولتن جي شديد کوٽ، انتظامي غفلت ۽ ڪمزور نگرانيءَ جي نتيجي ۾ هتان جا ڪيترائي ماڻهو مناسب ۽ بروقت علاج کان محروم آهن. صحت جهڙي بنيادي انساني ضرورت لاءِ اڄ به ٿرپارڪر جي عوام کي جن ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، اهي نه رڳو افسوسناڪ آهن، پر اسان جي مجموعي انتظامي نظام تي پڻ سنجيده سوال اٿارين ٿيون.
ٿرپارڪر سنڌ جو هڪ وسيع ۽ پئتي پيل ضلعو آهي، جتي جاگرافيائي صورتحال صحت جون سهولتون عوام تائين پهچائڻ ۾ وڏيون رنڊڪون پيدا ڪري ٿي. هتان جي آبادي وڏن شهرن کان پري پکڙيل ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ رهي ٿي، جتي اچ وڃ لاءِ مناسب ۽ پڪا رستا هر هنڌ موجود ناهن. سخت گرمي، برساتن ۽ ڏڪار جهڙين حالتن سبب اهي مسئلا وڌيڪ سنگين بڻجي ويندا آهن. برساتن دوران ڪچا رستا بند ٿي ويندا آهن، جنهن ڪري هنگامي حالت ۾ مريضن کي اسپتال منتقل ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج بڻجي وڃي ٿو. ڪيترن ئي علائقن ۾ موبائل نيٽ ورڪ جي محدود دستيابي سبب هنگامي طبي امداد حاصل ڪرڻ ۾ پڻ دير ٿئي ٿي. ڪنهن مريض لاءِ بروقت علاج زندگي ۽ موت جي وچ ۾ فرق بڻجي سگهي ٿو، پر ٿرپارڪر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اسپتال تائين پهچڻ ئي هڪ وڏو مسئلو آهي. مناسب ٽرانسپورٽ ۽ ايمبولنس جي محدود سهولت سبب مريضن کي ڊگهو سفر ڪرڻو پوي ٿو.
اهڙي صورتحال خاص طور تي انهن خاندانن لاءِ وڌيڪ ڏکي آهي، جيڪي معاشي طور ڪمزور آهن ۽ جن وٽ نجي گاڏي يا علاج جا اضافي وسيلا موجود ناهن. صحت مرڪزن جي صورتحال پڻ اطمينان بخش ناهي. ڪيترن ئي هنڌن تي طبي عملي جي کوٽ سان گڏ ضروري دوائن جي فراهمي به هڪ سنگين مسئلو آهي. نتيجي طور مريضن کي پنهنجون دوائون ٻاهران خريد ڪرڻيون پون ٿيون، جڏهن ته اهي دوائون ڪيترن ئي غريب خاندانن جي قوت خريد کان ٻاهر آهن. اسپتالن جي بنيادي ڍانچي ۽ طبي مشينري جي حالت به ڪيترن ئي هنڌن تي خراب آهي. ضروري مشينن جي بروقت مرمت ۽ جديد طبي سامان جي فراهمي نه ٿيڻ سبب تشخيص ۽ علاج جون سهولتون متاثر ٿين ٿيون. صحت جي شعبي ۾ صفائي ستھرائي پڻ بنيادي اهميت رکي ٿي، پر جيڪڏهن اسپتالن ۾ صفائي جو مناسب انتظام نه هجي ته علاج لاءِ ايندڙ مريضن لاءِ وڌيڪ صحت جا خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا. ان سان گڏ، آڪسيجن پلانٽس ۽ ٻين ضروري طبي سهولتن جو غير فعال رهڻ هڪ انتهائي سنجيده معاملو آهي. هنگامي حالتن ۽ حادثن دوران جيڪڏهن آڪسيجن، ايمبولنس ۽ ضروري طبي سامان بروقت دستياب نه هجي ته مريضن جون مشڪلاتون وڌيڪ وڌي وينديون آهن.
هن سڄي صورتحال جو هڪ اهم پاسو انتظامي غفلت ۽ ڪمزور نگراني پڻ آهي. ضلعي ۽ تعلقي سطح تي صحت جي ادارن جي نگراني ڪندڙ ذميوار آفيسرن تي وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اسپتالن جي ڪارڪردگي، طبي عملي جي دستيابي، دوائن جي حالتن ۽ سرڪاري فنڊن جي استعمال کي يقيني بڻائن. جڏهن نگراني جو نظام صرف ڪاغذي ڪارروائي تائين محدود بڻجي وڃي ۽ عملي طور تي ڪو مؤثر احتساب موجود نہ هجي، ته صحت جون سهولتون متاثر ٿين ٿيون. سرڪاري فنڊن جي شفاف ۽ مؤثر استعمال کي يقيني بڻائڻ به انتهائي ضروري آهي. جيڪڏهن اسپتالن لاءِ مختص ڪيل وسيلا عوام جي علاج، دوائن، طبي مشينن ۽ بنيادي سهولتن تي صحيح نموني ۽ شفافيت سان خرچ نه ٿيندا، ته ڪنهن به بجيٽ ۾ واڌ جو مقصد حاصل نه ٿي سگهندو. ان ڪري باقاعده آڊٽ ۽ مانيٽرنگ جي نظام کي صحت جي نظام جو لازمی حصو بڻائڻو پوندو.
هن صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ رڳو بجيٽ وڌائڻ ڪافي نه هوندو، پر موجود وسيلن جي صحيح استعمال ۽ مضبوط انتظامي نظام جي پڻ ضرورت آهي. ڏورانهن ۽ پئتي پيل علائقن ۾ ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي کي ڪم ڪرڻ لاءِ خاص الاؤنس، مراعتون ۽ مناسب ترغيبون ڏنيون وڃن، جيئن اهي پوئتي پيل علائقن ۾ به پنهنجون خدمتون جاري رکڻ لاءِ تيار ٿين. اسپتالن جي بنيادي ڍانچي کي جديد بڻائڻ، طبي مشينون فراهم ڪرڻ ۽ خراب سامان جي بروقت مرمت لاءِ واضح نظام قائم ڪيو وڃي. ٿرپارڪر جهڙن ڏورانهن علائقن لاءِ موبائل هيلٿ ڪلينڪس هڪ اهم قدم ثابت ٿي سگهن ٿيون، جنهن ذريعي طبي سهولتون انهن ماڻهن تائين به پهچائي سگهجن ٿيون جيڪي اسپتالن کان تمام گهڻو پري ٿا رهن. ساڳئي وقت صاف پيئڻ جي پاڻي، مناسب غذائيت ۽ صحت بابت عوام ۾ آگاهي تي به خاص ڌيان ڏيڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته بهتر صحت صرف اسپتالن ۽ دوائن سان نه، پر صاف پيئڻ جي پاڻي، مناسب خوراڪ ۽ صحت مند ماحول سان پڻ لاڳاپيل آهي.
برساتن، ڏڪار ۽ ٻين قدرتي آفتن دوران ٿرپارڪر جي صورتحال وڌيڪ حساس بڻجي وڃي ٿي، تنهنڪري هنگامي امداد لاءِ اڳواٽ جامع منصوبا تيار ڪرڻ گهرجن. ايمبولنس سروس، دوائن، موبائل ميڊيڪل يونٽس ۽ ٻين طبي وسيلن کي هنگامي حالت دوران تيزيءَ سان متحرڪ ڪرڻ لاءِ واضح ۽ فعال نظام موجود هجڻ گهرجي. مقامي تنظيمن ۽ غير سرڪاري ادارن سان تعاون وڌائڻ سان پڻ موجود وسيلن کي وڌيڪ مؤثر طريقي سان استعمال ڪري سگهجي ٿو. صحت جي نظام جي بهتري لاءِ مضبوط سپلائي چين پڻ بنيادي اهميت رکي ٿي. اسپتالن ۾ ضروري دوائن جي مسلسل فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ دوائن جي خريداري، اسٽوريج ۽ ورڇ جو مؤثر نظام قائم ڪرڻو پوندو، ته جيئن ڪنهن به وقت صحت مرڪزن تي ضروري دوائن جي کوٽ پيدا نه ٿئي. ساڳئي وقت صحت مرڪزن جي باقاعده آڊٽ ۽ عملي جي نگراني سان شفافيت ۽ جوابدهي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.
حقيقت اها آهي ته صحت جون سهولتون ڪنهن به معاشري ۾ عياشي نه، پر بنيادي انساني حق آهن. ٿرپارڪر جي عوام کي صرف ان ڪري معياري طبي سهولت کان محروم نه رکڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هو ڏورانهن ۽ جاگرافيائي طور ڏکين علائقن ۾ رهن ٿا. رياست جي ذميواري آهي ته ملڪ جي هر شهري تائين، چاهي هو ڪنهن وڏي شهر ۾ رهندو هجي يا ڪنهن پري واري ريگستاني ڳوٺ ۾، بنيادي ۽ معياري صحت جون سهولتون پهچائي. ٿرپارڪر جي صحت جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ عارضي ۽ ڪاغذي قدمن بدران، عملاً مربوط ۽ ڊگهي مدي وارن قدمن جي ضرورت آهي. جيڪڏهن حڪومت طبي عملي جي کوٽ، دوائن جي عدم دستيابي، خراب بنيادي ڍانچي، ڪمزور ايمرجنسي سروسز، ناقص انتظامي نگراني ۽ غير شفافيت جهڙن مسئلن تي سنجيدگي سان ڌيان ڏئي ته صورتحال ۾ نمايان بهتري آڻي سگهجي ٿي. فوري ۽ مؤثر قدم نه رڳو ٿرپارڪر جي لکين ماڻهن کي بهتر طبي سهولتون مهيا ڪري سگهن ٿا، پر ڪيترين ئي قيمتي انساني جانيون به بچائي سگهن ٿا.