حوثي باغين جي مڪي تي حملي جي ڪوشش مسلمانن جا جذبا مجروح ۽ مقدس هنڌن جو تقدس پائمال ڪيو: شاهه سلمان

جدو (ويب ڊيسڪ) سعودي ڪابينا 23 سيپٽمبر تي قومي ڏهاڙي جي تقريبن جي موقعي تي ملڪ ۽ قوم لاءِ وڌيڪ ڪاميابين ۽ ڪامرانيون حاصل ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڪابينا جو اجلاس شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي صدارت هيٺ جدي ۾ ٿيو. اجلاس جي شروعات ۾ شاهه سلمان حاجين ۽ عمري جي پانڌيئڙن جي خدمت کي وڏو شرف قرار ڏنو.
شاهه سلمان وطن جي دفاع، مقدس هنڌن، الله جي مهمانن، شهرين ۽ ملڪ ۾ رهندڙ پرڏيهين خلاف اڳرائيءَ جو مقابلو ڪرڻ ۾ فوجي ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي ڪردار کي ساراهيو.
هن يمن جي حوثي باغين طرفان مڪي کي ٻيهر نشانو بڻائڻ جي ڪوشش جي مذمت ڪندي چيو ته ان حملي سان سڄي دنيا جي مسلمانن جا جذبا مجروح ۽ مقدس هنڌن جي تقدس کي پائمال ڪيو ويو.
هن حوثي باغين کي ”دهشتگرد مليشيا“ قرار ڏيندي چيو ته مڪي کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش جي عالمي سطح تي مذمت ڪئي وئي آهي.
ڪابينا کي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي مصر جي دوري بابت آگاهه ڪيو ويو.
مصري صدر عبدالفتاح السيسي سان ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي سهڪار وڌائڻ بابت صلاح مشورو ۽ رابطن کي جاري رکڻ جي عزم جي تصديق ڪئي وئي.
اجلاس ۾ ولي عهد سان اردن جي بادشاهه ۽ فرانس جي صدر طرفان ٿيل ٽيليفونڪ رابطن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو.
سعودي سڌ سماءُ واري وزير موجب، ڪابينا خطي جي صورتحال جو جائزو وٺندي بين الاقوامي قانون جي اصولن تحت خودمختياري جي احترام، تڪرارن جي پرامن حل، عالمي سامونڊي رستن ۾ اچ وڃ جي سلامتي، عوام جي اميدن جي پورائي ۽ عالمي واپار جي تحفظ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ تي زور ڏنو.
ڪابينا سعودي عرب جي ميزباني ۾ ٿيل مختلف عالمي ڪانفرنسن جي نتيجن جو پڻ جائزو ورتو ۽ يونيسڪو جي عالمي فورم تي مصنوعي ذهانت جي اخلاقيات بابت وزارتي اجلاس ۾ جاري ڪيل سفارشن کي ساراهيو.
اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل مختلف معاملن جو جائزو وٺڻ سان گڏ شوريٰ ڪائونسل طرفان پيش ڪيل سفارشن تي پڻ غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ مختلف ملڪن سان ٻطرفي سهڪار جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪرڻ سميت مختلف معاملن جي منظوري ڏني وئي.

You might also like