”مڙس ملڪيت منتقل نه ڪري ته به ذميواري ختم نه ٿيندي“حقِ مهر ۽ نڪاح نامي بابت سپريم ڪورٽ جو وڏو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ حقِ مهر ۽ نڪاح نامي بابت اهم فيصلي ۾ چيو آهي ته مهر طور طئي ڪيل ملڪيت منتقل نه ٿيڻ باوجود زال جو حقِ مهر ختم نه ٿيندو.
سپريم ڪورٽ موجب، جيڪڏهن مهر طور طئي ڪيل ملڪيت منتقل نه ٿي سگهي ته مڙس پنهنجي ذميواري کان آجو نه ٿيندو، کيس طئي ڪيل ملڪيت جي قيمت زال کي ادا ڪرڻي پوندي.
عدالت چيو ته جيڪڏهن نڪاح نامي ۾ ملڪيت جي قيمت لکيل نه هجي ته عدالت ان جي مارڪيٽ ويليو جو تعين ڪري سگهي ٿي. نڪاح رڳو عام سول يا واپاري معاهدو ناهي، پر پنهنجي نوعيت جو هڪ منفرد قانوني ادارو آهي.
سپريم ڪورٽ موجب، حقِ مهر زال جي قيمت يا شادي جو ڪو واپاري معاوضو ناهي، پر زال جو لازمي، خاص ۽ عمل جوڳو مالي حق آهي.
عدالت چيو ته نڪاح ايجاب ۽ قبول سان وجود ۾ اچي ٿو، جڏهن ته نڪاح نامو ان جو سرڪاري رڪارڊ ۽ شادي جي معاهدي جو بنيادي دستاويزي ثبوت آهي.
سپريم ڪورٽ موجب، نڪاح نامي بابت قانوني مفروضو حتمي ناهي ۽ مضبوط شاهدين سان ان کي رد ڪري سگهجي ٿو، مبهم يا هڪٻئي سان ٽڪرائيندڙ لکتن جي صورت ۾ عدالت ٻيا قبول ڪرڻ جوڳا ثبوت پڻ ڏسي سگهي ٿي.
فيصلي ۾ چيو ويو ته نڪاح نامي جي ڪالمن 13 کان 16 کي پاڻ ۾ ڳنڍيل انداز ۾ پڙهيو ويندو، ڪالم 13 ۾ حقِ مهر روڪ يا ملڪيت ٻنهي صورتن ۾ لکيل ٿي سگهي ٿو.
ڪالم 14 مهر جي قسمن، ڪالم 15 ادا ڪيل مهر، جڏهن ته ڪالم 16 حقِ مهر جي عيوض ڏنل ملڪيت جي تفصيل سان لاڳاپيل آهي.
سپريم ڪورٽ جي جسٽس شاهد بلال حسن فيصلي سان اتفاق ڪندي الڳ واڌو نوٽ پڻ لکيو.
هن چيو ته ڌرين جي نيت جو تعين بنيادي طور نڪاح نامي مان ڪيو وڃي.
جسٽس شاهد بلال حسن چيو ته بعد ۾ ڪيل زباني دعوائن کي نڪاح نامي تي فوقيت نه ڏيڻ گهرجي، ڇو ته نڪاح نامو لازمي قانوني فارم آهي ۽ هر ڪالم جو الڳ مقصد آهي، نڪاح رجسٽرارن کي سمورا لاڳاپيل ڪالم احتياط سان ڀرڻ گهرجن.
هن پنهنجي اضافي نوٽ ۾ چيو ته جيڪڏهن ملڪيت مهر طور ڏني وڃي ته ان جا مڪمل تفصيل ۽ قيمت لکي وڃي، اهم شرط صحيح کان اڳ ڌرين کي پڙهي ٻڌايا وڃن ۽ ڪنهن به ڪالم کي بنا سبب خالي نه ڇڏيو وڃي.
جسٽس شاهد بلال حسن موجب، انفرادي ڪيس ميرٽ جي بنياد تي الڳ بئنچون ٻڌنديون.
جسٽس شاهد وحيد جي سربراهي ۾ چئن رڪني بئنچ تفصيلي فيصلو جاري ڪيو.

You might also like