انگلينڊ جي فاسٽ بالر مارڪ ووڊ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي سمورن فارميٽس تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ويجهي ماضيءَ ۾ انگلينڊ بالنگ اٽيڪ، خاص طور تي تيز بالنگ ۾ هڪ معياري کيپ تيار ٿي، جنهن مختلف فارميٽس ۾ ٽيم جي نمائندگي ڪندي ڪاميابيون ماڻيون.
هڪ عرصي تائين جمي اينڊرسن ۽ اسٽوئرٽ براڊ جي جوڙي انگلينڊ کي ڊگهي فارميٽ ۾ ليڊ ڪيو، جنهن کانپوءِ ڪرس ووڪس ۽ مارڪ ووڊ جو وارو آيو.
مارڪ ووڊ پنهنجي تيز رفتاري سبب عالمي ڪرڪيٽ ۾ ڌار سڃاڻپ ٺاهيندڙ بالر هو.
تيز بالر لاءِ رفتار يقينن اهم آهي، پر ان سان گڏ رفتار تي ڪنٽرول ۽ بالنگ ۾ ويئريشن به ايتري ئي ضروري هوندي آهي.
ووڊ جي بالنگ ۾ رفتار سندس سڀ کان وڏي طاقت هئي، پر سندس انداز ۾ هر وقت وڌ کان وڌ رفتار تي زور ڏيڻ جو رجحان نمايان رهيو.
تيز رفتاري سان گڏ ويئريشن ۽ جسماني فٽنيس به تيز بالر جي ڪيريئر لاءِ بنيادي اهميت رکن ٿا.
مسلسل زور لڳائڻ ۽ انجريز سبب ووڊ کي پنهنجي ڪيريئر دوران ڪيترن ئي فٽنيس مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو.
ان باوجود هو پنهنجي تيز رفتار بالنگ واري انداز کان پوئتي نه هٽيو، جنهن جو اثر سندس ڪيريئر تي پڻ پيو.
نيٺ انجريز ۽ فٽنيس جي مسئلن جي وچ ۾ مارڪ ووڊ جي عالمي ڪرڪيٽ ڪيريئر کي به فل اسٽاپ لڳي ويو.
انگلينڊ جي فاسٽ بالر مارڪ ووڊ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي سمورن فارميٽس تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، 36 ورهين جي مارڪ ووڊ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪيو.
هن انگلينڊ طرفان 38 ٽيسٽ، 70 ون ڊي ۽ 38 ٽي-20 ميچن ۾ نمائندگي ڪئي.
انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ مارڪ ووڊ جي مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.
پنهنجي فيصلي بابت مارڪ ووڊ چيو ته رٽائرمينٽ لاءِ هي بهترين وقت آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪرڪيٽ ڪيريئر دوران کيس ڪيترين ئي انجريز کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته انگلينڊ لاءِ کيڏڻ کيس هميشه ئي سٺو لڳندو هو.
انگلينڊ جي مارڪ ووڊ جي عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ، ”انجريز هُن جو ڪيريئر کائي ويون“
You might also like