تهران(ويب ڊيسڪ)وچ اوڀر ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان نون حملن جي خدشي دوران ايراني پاسداران انقلاب جي ترجمان خبردار ڪيو آهي ته آمريڪا جا جاسوسي مرڪز سندن پهچ ۾ آهن.
ايراني نشرياتي اداري موجب جنرل حسين محبي چيو ته آمريڪا خطي ۾ موجود پنهنجن اڏن تان فوجين ۽ فوجي سامان کي وڌيڪ پري وارن اڏن ڏانهن منتقل ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي.
هن چيو ته پاسداران انقلاب ڪنهن به ممڪن ڊگهي جنگ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.