لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر محمد رضوان بابت سوشل ميڊيا تي سندس نالي سان وائرل وڊيو کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ وڊيو وائرل ٿي، جنهن ۾ شعيب اختر جي نالي سان محمد رضوان بابت چيو پئي ويو ته ”آخر هن نيڪ ۽ شريف رانديگر کي ڪهڙي ڳالهه جي سزا ڏئي رهيا آهيو، سمجهه کان ٻاهر آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ آخر ڇا ٿي رهيو آهي.“
وڊيو ۾ اِها به دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ڪوچ مائڪ هيسن پنهنجي ذاتي انا سبب محمد رضوان جو ڪيريئر خراب ڪري رهيو آهي ۽ ڪرڪيٽ بورڊ خاموش تماشائي بڻيل آهي.
شعيب اختر پنهنجي ايڪس هينڊل تان وائرل وڊيو هيٺ ڪمينٽ ڪندي ان کي جعلي قرار ڏنو ۽ واضح ڪيو ته اها وڊيو سندس ناهي.
محمد رضوان بابت شعيب اختر جي نالي سان وائرل وڊيو جعلي نڪتي، اڳوڻي فاسٽ بالر به ترديد ڪري ڇڏي
Prev Post
خلا ۾ ايٽمي جنگ ڇِڙڻ جو خطرو؟ آمريڪا جي خلائي هٿيار واري اعلان دنيا کي نئين ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو
Next Post
You might also like