واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا طرفان زمين جي مدار ۾ خلائي هٿيار مقرر ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ سوال اُڀري رهيا آهن ته خلا ۾ ڪهڙي قسم جا فوجي هٿيار موجود آهن ۽ وڏيون عالمي طاقتون انهن کي خلائي سرسي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيئن استعمال ڪري سگهن ٿيون.
آمريڪي هوائي فوج جي سيڪريٽري ٽرائي مينڪ موجب، مدار ۾ مقرر ڪيل هٿيار آمريڪي فوج کي دشمن جي امڪاني جارحاڻي ڪارروائين کان محفوظ رکڻ لاءِ ضروري آهي، پر هن ان جي صلاحيتن يا مدار ۾ موڪلڻ بابت تفصيل ظاهر نه ڪيا.
ماهرن جو خيال آهي ته اهو هٿيار اليڪٽرانڪ وارفيئر يا ريڊيو جيمنگ پليٽ فارم ٿي سگهي ٿو، جيڪو سيٽلائيٽ جي مواصلاتي نظام ۾ خلل وجهي سگهي.
هڪ ٻيو امڪان اهو به آهي ته اِها اهڙي سيٽلائيٽ هجي، جيڪا ٻين سيٽلائيٽن جو ويجهو وڃي معائنو ڪرڻ، پڪڙڻ يا مدار تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکي.
آمريڪا کانسواءِ ڪهڙن ملڪن وٽ اهڙيون صلاحيتون آهن؟
جيتوڻيڪ 1967ع واري عالمي معاهدي تحت مدار ۾ وڏي پئماني تي تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن جي مقرري تي پابندي آهي، پر آمريڪا، روس ۽ چين سميت مختلف ملڪن اهڙا نظام تيار ڪيا آهن، جيڪي سيٽلائيٽن کي نشانو بڻائڻ يا انهن جي ڪم ۾ خلل وجهڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
ماهرن موجب، روس ۽ چين گذريل سالن دوران اهڙيون خلائي سرگرميون وڌايون آهن، جن ۾ ان جا سيٽلائيٽ ٻين ملڪن جي سيٽلائيٽن جي تمام ويجهو وڃي انهن جو معائنو يا پيڇو ڪن ٿا. انهن آپريشنز کي ”رينڊيزووو ۽ پراڪسيميٽي آپريشنز“ (RPOs) چيو ويندو آهي.
چيني ماهرن ”اسپيس ٽگ“ ٽيڪنالاجي جو پڻ مظاهرو ڪيو آهي، جنهن ذريعي هڪ خلائي گاڏي ڪنهن ٻئي سيٽلائيٽ کي پڪڙي ان جو مدار تبديل ڪري سگهي ٿي. اها ٽيڪنالاجي خلائي ملبو هٽائڻ لاءِ لاڀائتي ٿي سگهي ٿي، پر ساڳئي صلاحيت کي فعال سيٽلائيٽن کي ناڪارا بڻائڻ لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو.
خلائي هٿيارن سان ملبو به وڌي سگهي ٿو
ماهرن جو چوڻ آهي ته اينٽي سيٽلائيٽ ميزائلن جا تجربا خلائي مدار ۾ وڏي مقدار ۾ ملبو پيدا ڪري سگهن ٿا.
2007ع ۾ چين طرفان ڪيل هڪ اينٽي سيٽلائيٽ ميزائل تجربي کانپوءِ پيدا ٿيل ملبو اڄ به مدار ۾ موجود آهي ۽ سيٽلائيٽن لاءِ خطرو بڻيل آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته مدار ۾ شين جي رفتار تمام گهڻي هوندي آهي، تنهن ڪري ڌاتو جو وڏو ٽڪرو ئي نه، پر پلاسٽڪ جو ننڍڙو ٽڪرو به سيٽلائيٽ کي نقصان پهچائي سگهي ٿو.
جوهري هٿيارن جو خطرو
ماهرن موجب، روس وٽ زمين تان لانچ ٿيندڙ اهڙا ميزائل به موجود آهن، جيڪي زمين جي هيٺين مدار ۾ موجود سيٽلائيٽن کي نشانو بڻائي سگهن ٿا، جڏهن ته اينٽي سيٽلائيٽ ميزائل جهازن ذريعي به لانچ ڪري سگهجن ٿا.
هڪ ماهر موجب، انتهائي صورتحال ۾ خلا ۾ جوهري هٿيار استعمال ٿيڻ جو امڪان پڻ موجود آهي.
جوهري ڌماڪي سان پيدا ٿيندڙ برقي مقناطيسي جھٽڪو وڏي علائقي ۾ موجود انهن سيٽلائيٽن کي ناڪارا بڻائي سگهي ٿو، جيڪي ان اثر کان محفوظ نه هجن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته خلا ۾ جوهري ٽڪراءُ جو امڪان ڌرتيءَ تي جاري ڪنهن ايٽمي جنگ کان ڌار نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته خلا ۾ ٿيندڙ فوجي ڪارروائيون زمين تي ٿيندڙ تڪرارن سان جڙيل هونديون.
آمريڪا هاڻي اعلان ڇو ڪيو؟
ماهرن موجب، آمريڪا جو هي اعلان لازمي طور ڪا نئين ٽيڪنيڪي اڳڀرائي نه پر هڪ سياسي ۽ فوجي پيغام پڻ ٿي سگهي ٿو. ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته اهو چين جي وڌندڙ خلائي فوجي صلاحيتن جي پسمنظر ۾ ڪيو ويو آهي.
چين گذريل ٽن ڏهاڪن دوران پنهنجي فوجي صلاحيتن کي جديد بڻايو آهي ۽ خلا ۾ وڏي انگ ۾ فوجي سيٽلائيٽ مقرر ڪيا آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ان سان گڏ آمريڪا لاءِ خلائي فوجي صلاحيتن ۾ سيڙپڪاري جا سبب پڻ وڌيا آهن.
ماهرن موجب، جيڪڏهن مستقبل ۾ خلا ۾ جنگ جي صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته ان ۾ خلائي ميزائل، ٻين سيٽلائيٽن کي نقصان پهچائڻ يا مدار تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ سيٽلائيٽ ۽ زمين تي نصب ليزر نظام جهڙيون ٽيڪنالاجيون استعمال ٿي سگهن ٿيون.