واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ چيو آهي ته اڱاري کان دنيا جون سموريون هوائي حدون ايراني ايئرلائنز لاءِ بند ڪيون وينديون.
آمريڪي ناڻي واري کاتي ٻه هفتا اڳ 27 ايراني ايئرلائنز کي پابندين واري فهرست ۾ شامل ڪيو هو.
اسڪاٽ بيسنٽ چيو ته کيس خبر ناهي ته ايران سان جاري اهو تڪرار ڪيتري عرصي تائين هلندو، تنهن هوندي به هن ٻڌايو ته ايران مٿان لاڳو پابندين بابت چين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.
چيني صدر ٻن ڏينهن کانپوءِ آمريڪا جو دورو ڪندو، جتي هو ڊونلڊ ٽرمپ سان مختلف معاملن تي ڳالهائيندو، جن ۾ ايران تي لاڳو پابنديون پڻ شامل آهن.
اسڪاٽ بيسنٽ ان کان اڳ چئي چڪو آهي ته چيني نائب وزيراعظم وانگ يي سان ڳالهين دوران هو ايران خلاف پابندين واري معاملي تي ٻنهي صدرن وچ ۾ ڳالهين جي راهه هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
You might also like