ڪيريبيئن پريميئر ليگ جي فائنل ۾ معاذ صداقت جي تاريخي سينچري ضايع، اينٽيگوا اينڊ باربوڊا فالڪنز چيمپيئن بڻجي وئي

ڪيريبيئن پريميئر ليگ جي فائنل ۾ معاذ صداقت جي تاريخي سينچري ضايع، اينٽيگوا اينڊ باربوڊا فالڪنز چيمپيئن بڻجي وئي
ڪيريبيئن پريميئر ليگ جي فائنل ۾ جميڪا ڪنگز معاذ صداقت جي تاريخي سينچري ضائع، اينٽيگوا اينڊ باربوڊا فالڪنز چيمپيئن بڻجي وئي
جميڪا (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني نوجوان بيٽر معاذ صداقت ڪيريبين پريميئر ليگ (سي پي ايل) جي فائنل ۾ شاندار سينچري ٺاهي تاريخ رقم ڪري ڇڏي.
جميڪا ڪنگز جي نمائندگي ڪندي معاذ صداقت اينٽيگوا اينڊ باربوڊا فالڪنز خلاف 58 بالن تي 114 رنسن جي طوفاني اننگز کيڏي، جنهن ۾ 8 چوڪا ۽ 9 ڇڪا شامل هئا.
هن اننگز سان معاذ صداقت ڪنهن به فرنچائز ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ سينچري ٺاهيندڙ پهريون پاڪستاني بيٽر بڻجي ويو، جڏهن ته هو سي پي ايل جي تاريخ ۾ فائنل ۾ سينچري ٺاهيندڙ پهريون بيٽر پڻ بڻجي ويو.
ان کان اڳ ايليمينيٽر ميچ ۾ به معاذ صداقت 49 بالن تي 112 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي سي پي ايل جي تاريخ جو سڀ کان ننڍي عمر ۾ سينچري ڪندڙ بيٽر جو اعزاز ماڻيو هو.
معاذ جي سينچري جي مدد سان جميڪا ڪنگز 20 اوورن ۾ 170 رنسون ٺاهيون، پر اينٽيگوا اينڊ باربوڊا فالڪنز 20 بال اڳ ئي ٻن وڪيٽن جي نقصان تي هدف حاصل ڪري سي پي ايل 2026ع جي چيمپئن بڻجي وئي.
سفيان مقيم کي ميچ ۽ شاداب خان کي ٽورنامنيٽ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
معاذ صداقت سي پي ايل 2026ع ۾ 7 ميچن دوران 363 رنسون ٺاهيون، سندس بيٽنگ اوسط 60.50 ۽ اسٽرائيڪ ريٽ 174.52 رهيو.
فائنل ۾ 114 رنسن جي اننگز سان معاذ صداقت سي پي ايل فائنل ۾ سڀ کان وڏي انفرادي اننگز جو رڪارڊ به پنهنجي نالي ڪري ورتو، هن لينڊل سمنز ۽ برينڊن ڪنگ کي پوئتي ڇڏي ڏنو.
پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۽ سي پي ايل ۾ هن سال معاذ صداقت جون ڪُل رنسن جو انگ 653 ٿي ويو آهي.

You might also like