جنگي ماحول ۾ ايراني صدر جو آمريڪي دوري جو فيصلو، نئون تڪرار کڙو ٿي ويو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان اڱاري ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ روانو ٿيندو.
ڪجهه ڪلاڪ اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مسعود پزشڪيان سان ملاقات لاءِ پنهنجو راضپو ظاهر ڪندي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڪو معاهدو طئي نه ٿيو ته ايران کي معاشي تباهي يا بربادي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر جي مسعود پزشڪيان جي دوري جو معاملو انتهائي تڪراري بڻجي ويو آهي.
ڪجهه نقادن جو چوڻ آهي ته ايراني صدر جي ميڊيا ٽيم کي ويزا نه ملڻ سبب خبرن ۽ واقعن جي مناسب ڪوريج ممڪن نه هوندي.
حڪومت جي حامين جو چوڻ آهي ته جنرل اسيمبلي مان ايران جي غيرحاضري گهڻو ڪري آمريڪا جي مفاد ۾ هوندي ۽ سفارتڪاري جو موقعو برقرار رکڻ انتهائي ضروري آهي.

You might also like