لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد رضوان کي ميڊيا سان ڳالهائڻ جي اجازت نه ملي آهي.
محمد رضوان جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته رضوان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) کان ميڊيا ٽاڪ ڪرڻ جي اجازت گهري هئي ۽ هو ٻه ڀيرا پي سي بي کان اجازت طلب ڪري چڪو آهي، پر ٻنهي ڀيرا پي سي بي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، محمد رضوان سمورو تڪرار عوام آڏو آڻڻ چاهي ٿو، هو لارڊز ٽيسٽ کانپوءِ ضبط ڪيل موبائل فون بابت تفصيل ٻڌائڻ ۽ پاڻ تي لڳايل الزامن بابت به تفصيل عوام سان شيئر ڪرڻ چاهي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد رضوان آءِ سي سي کي لکيل خط بابت پڻ تفصيل ٻڌائڻ چاهي ٿو.
محمد رضوان سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي شق 4.1 جو احترام ڪندي شق 16 استعمال ڪرڻ چاهي ٿو.
واضح رهي ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي شق 4.1 موجب، ڪرڪيٽر اجازت کانسواءِ عوامي بيان نٿو ڏئي سگهي، جڏهن ته شق 16 تحت پي سي بي ۽ ڪرڪيٽر وچ ۾ گڏيل سهڪار هجڻ گهرجي.
محمد رضوان ۽ پي سي بي وچ ۾ معاملا بگڙي ويا؟ ڪرڪيٽر کي ميڊيا ٽاڪ جي اجازت به نه ملي
You might also like