تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پاسدارانِ انقلاب جي ترجمان حسين محبي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ايران تي ٻيهر حملو ڪيو ته ايران ”نوان هٿيار“ استعمال ڪندو ۽ جنگ جو دائرو وڌائيندي انهن علائقن کي به نشانو بڻائيندو، جتي هن وقت تائين ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.
هن چيو ته جيڪڏهن آمريڪا حملو ڪيو ته ايران اهڙا نوان هٿيار استعمال ڪندو، جيڪي دنيا کي دنگ ڪري ڇڏيندا.
ايراني ترجمان موجب، ايران اهڙا هٿيار تيار ڪري چڪو آهي ۽ انهن جون صلاحيتون پڻ وڌايون آهن، جن کي جنگ جي موجوده مرحلي دوران استعمال ناهي ڪيو ويو.
هن انهن هٿيارن کي ايران جا ”اسٽريٽجڪ“ هٿيار قرار ڏيندي چيو ته ضرورت پوڻ تي انهن کي استعمال ڪيو ويندو ۽ دنيا ڏسندي ته ڇا ٿيندو“
جنگ جي دائري ۾ واڌ بابت آءِ آر جي سي جي ترجمان چيو ته جنگ هاڻي علائقائي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، پر خطو تمام وڏو هجڻ سبب اڃا به جنگ جي جاگرافيائي پکڙجڻ جي گنجائش موجود آهي.
هن چيو ته فوج ڊگهي مدي واري جنگ جي تياري ڪري رهي آهي.
آءِ آر جي سي جي ترجمان جو اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن خاتم الانبياءَ مرڪزي هيڊڪوارٽر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا ڪجهه علائقائي ملڪن کان گرين سگنل ملڻ کانپوءِ پنهنجون ڪارروائيون ٻيهر شروع ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.
خاتم الانبياءَ هيڊڪوارٽر، جيڪو جنگ دوران ايران جو اعليٰ ترين فوجي ادارو آهي، چيو آهي ته ايران کي اطلاع مليا آهن ته آمريڪا ۽ اسرائيل هڪ يورپي ملڪ ۾ ڪيترن ئي علائقائي ملڪن سان ٿيل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي آهي.
”ٻيهر حملو ٿيو ته اهڙا نوان هٿيار هلائينداسين جو دنيا دنگ رهجي ويندي“ ايران جو آمريڪا کي چتاءُ
Prev Post
You might also like