ديوي پُراڻ هڪ اهم ۽ قديم سَناتني گِرنٿ آهي ، هن ۾ شِريمد ديوي ڀاڳونت جي مختلف موضوئن ۽ روپن بابت لکيل آهي. هن رَهسيه پُراڻ ۾ديوي ماتا جي پَرڪرتِي جي نَرڳڻ رُوپ کان وٺي سَرڳڻ رُوپ جو وِستار وڏي تفصيل سان لکيل آهي. هن پُراڻ ۾برهمانڊ جي پيدائش کي ڀرپور طريقي سان پيش ڪيو ويو آهي ، هن ۾ چِٽن لفظن ۾ لکيو ويو آهي ته هن ڪائنات کي پيدا ڪندڙ ديوي (آد شڪتي) آهي ، جنهن کي ٻين سادن لفظن ۾ (قدرت يا فطرت) چئبو آهي.
هي مُول گرنٿ شِري ويد وياس پاران، ديو رِشي نارد جي سهائتا سان سهيڙيو ويو. پهريان هي سمورا قصا ۽ ڪهاڻيون ڀَڳوان ويد وياس بيان ڪيا ، پوءِ وري سندس شِشِ ” سُوتِ جي“ بيان ڪيا ۽ وڌيڪ ماڻهن تائين پهچايا. ديوي پُراڻ جو هي پُستڪ ٻارنهن عدد اسڪند يا بابن ۾ ورهايل آهي ، هن پُراڻ جي رَچنا ويد وياس ڪئي ۽ هي ويد وياس جو پنجون نمبر پُراڻ آهي ، جڏهن ته آسان سنڌيءَ ۾ هن جو ترجمو شِري مهاجل سَريندر (راز) تازو سال 2025ع ۾ ڪيو آهي.
هن گِرنٿ ۾ ديوي ماتا کي ؛ ديوي سَتي ، ديوي ڀاڳونت، گوري ، ڪالي ، دُرگا ، يوگ مايا ، پاروتي ، لَڪشمي ، راڌا ، تُلسي ، ساوِتري ، سواها ديوي ، دکشڻا ، مَنگلا چَنڊي ، منشا ديوي ، گايتري ماتا ، ڀِرامري ، يَڪشڻي ۽ سَرسوتي جي روپن يا نالن سان سڏيو ۽ لکيو ويو آهي. هي پُراڻ سَناتن ڌرم ۾ وڏي اهم حيثيت رکي ٿو ، ڇاڪاڻ ته هن ۾ ڀَڳتي ۽ مُڪتي جو راز سَمايل آهي. ديوي پُراڻ ۾ ڪُل ارڙهن هزار شَلوڪ لکيل آهن جن جي رَچنا سڀ کان پهريان سنسڪرت ۾ شِري ويد وِياس ڪئي هئي. هن پُراڻ ۾ ”شِري سُوت جي“ ڪيتريون ئي ڪٿائون بيان ڪري ٿو ، جن ۾ ديوي ۽ ديوتائن جي مختلف ڪمن ۽ ڪٿائن بابت ذڪر ٿيل آهي.
ديوي پُراڻ موجب ديوين جا انيڪ نالا ، روپَ ۽ قسم آهن پر مها ديوي ماتا هن سموري سنسار جي اُتپتي ڪئي آهي ، هن ڪيترائي ڀيرا جنم ورتو ، هر ڀيري هن جو روپ نئون ، نالو نئون ۽ سندس شڪتيون ۽ ڳُڻ به نوان ۽ مختلف هوندا آهن. ديوي پُراڻ جي صفحي نمبر چوونجاهه تي لکيل آهي ته؛”امبي ديوي سموري ڪائنات خلقي آهي“. هن ۾ جن اهم نالن ، ماڳن ۽ واقعن جو ذڪر آهي انهن ۾ ؛ شارڻيه تيرٿ ، ڪاشي پور ، هستناپور ، دوارڪا ، سرسوتي ندي ، ڪوشل ديش ، ڀوڄ ونشي راجا ”ستراجت“ ، ڪوروئن ۽ پانڊوئن جي مهاڀارت يُڌ ، مُني ڪيشپ ، ونيتا ۽ سندن پٽ ” گُرڙ“ ، راجا ڌَروسنڌ ۽ سندس پٽن سُڌرشن ۽ شَتروجِيت جو ذڪر ، رام ۽ سِيتا جو ذڪر ، برهما جي پٽ ”ڌرم“ جو ذڪر ، راجا مَهيشاسر جو قصو ، ديوي ماتا هٿان دئيت ”دهن“ جو انت ، مهاراج شمڀ ۽ پاتال لوڪ جو ذڪر ، ڪالي ماتا / ديوي ماتا ڪيترين ئي جنگين ۾ظالم ۽ بدمعاش راجائن کي شڪست ڏيئي مارڻ جو ذڪر ، ديو لوڪ جي راجا اِندر جو ذڪر ، برهما جي پٽ ” وِشسٽ “ جو ذڪر جيڪو گنگا ندي تي رهندو هو ، جڏهن ته ويد وياس جي جنم ڀومي ”سرسوتي ندي“ ڄاڻايل آهي.
هن ۾ مُک پنج عدد ديوين جو ذڪر ڪيو ويو آهي ؛ جنهن ۾ دُرگا ( گڻيش جي ماتا ) ، لڪشمي (ڀَڳوان وِشنو جي ساتِوِڪ شڪتي) ، سَرسوتي ( برهما جي شڪتي) ، ساوتري (پَويتر روپَ واري ديوي) ، راڌا ( هن جو ڀڳوان ڪِرشن آهي) ۽ تُلسي ديوي ( جنهن وِندرا بن ۾ برهما جي تَپسيا ڪئي).
ان کان سواءِ ديوي پُراڻ ۾ مها پرليه (مها ٻوڏ) جو ذڪر ، وِندرا بن جو ذڪر ۽ اتهاس ۾ ٿيل ٻين ڪيترن ئي واقعن جو ذڪر آهي ، جيڪي تمام گهڻا دِلچسپ ۽ پڙهڻ جوڳا آهن . ديوي پُراڻ ۾ ڪُل 269 صفحا آهن ۽ هن کي سولي سنڌيءَ ۾ شِري مَهاجل سريندر (راز) ترجمو ڪيوآهي. جنهن کي به مَها ديوي ۽ ان سان گڏ ٻين ديوين جي اتهاس بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻي هجي ، ان لاءِ هي پُستڪ تمام گهڻو اهم ثابت ٿي سگهي ٿو.