ڪرسي نشين سياستدان هجن يا آفيسر، اهي تمام گهڻا مصروف هوندا آهن، ايترا مصروف جو نه وٽن فون جو جواب ڏيڻ لاءِ وقت هوندو آهي، نه هو عام ماڻهن سان ملندا آهن ۽ نه ئي عوام بابت جيڪي فيصلا ڪندا آهن، انهن بابت عوام کي ٻڌائڻ جي زحمت ڪندا آهن. تضادستان ۾ ’مصروفيت‘ اصل ۾ هڪ اهڙي بيماري جو نالو آهي، جيڪا هر ڪرسي نشين کي لڳي ويندي آهي ۽ اها بيماري ان وقت تائين سندس پڇ نه ڇڏيندي آهي، جيستائين ڪرسي کيس نه ڇڏي ڏئي. ڪووڊ وانگر مصروفيت جي بيماري اڪيلي نٿي اچي، ان سان گڏ اڪڙ، بي اعتنائي ۽ معمولي تنقيد يا اختلاف تي ناراضگي جهڙيون ٻيون بيماريون به لڳي وينديون آهن، جيئن نزلے سان زڪام ۽ کنگهه ٿيڻ ڪا غيرمعمولي ڳالهه ناهي. ڪرسي نشين جي مصروفيت کي گذريل لڳ ڀڳ 40 سالن کان ڏسڻ جو مشاهدو رهيو آهي. انگريزي ٻوليءَ جو هڪ محاورو آهي: ’مصروف نظر اچو ۽ ڪجهه به نه ڪريو‘ (Look busy, do nothing). هاڻي صحافي جو مسئلو اهو هوندو آهي ته کيس ڪرسي نشين جي خبر رکڻي پوندي آهي ۽ جيڪڏهن خبر بند ٿي وڃي ته خبر وٺڻي به پوندي آهي. ان ڪري اڪثر ڪرسي نشين صحافين کان پاسو ڪندا آهن، پر ظاهر آهي ته درياهه هڪ ئي آهي، ان ۾ صحافتي مڇين ۽ ڪرسي نشين مگرمڇن کي رهڻو ئي پوي ٿو، تنهنڪري ڪڏهن ڪڏهن آمنا سامنا به ٿيندو رهي ٿو.
هن وقت ملڪ جو سڀ کان وڏو ڪرسي نشين وزيراعظم صاحب آهي. هن قلم گھسائيندڙ جي ساڻس ڏهاڪن کان واقفيت ۽ تعلق خاطر آهي. سندس اقتدار جو دور به ڏٺو آهي ۽ ڏسي رهيا آهيون، جڏهن ته سندس آزمائش ۽ مخالف ڌر وارو دور به ڏسندا رهيا آهيون. وزيراعظم 17 سالن کان اقتدار ۾ آهي ۽ هاڻي هن وزيراعظم جي حيثيت سان مسلسل پنجون بجيٽ پيش ڪيو آهي. مون کي سندس وفاقي حڪومت جي فيصلا نه ڪرڻ، سياسي بيانيه نه ٺاهڻ ۽ معيشت کي تيز نه ڪري سگهڻ تي سخت اختلاف آهي ۽ مان بار بار ان جو اظهار به ڪندو رهندو آهيان، پر وزيراعظم شهباز شريف منهنجي اختلاف ۽ تنقيد باوجود جڏهن به مليو آهي، کليل ٻانهن ۽ مرڪندڙ چهري سان مليو آهي. ٻي صورت ۾ هر ڪرسي نشين تنقيد يا اختلاف تي پيشانيءَ تي گهنج آڻي ڇڏيندو آهي، ملڻ بند ڪري ڇڏيندو آهي، ناراض ٿي ويندو آهي ۽ جيڪڏهن اختيار هجي ته اوهان کي تنگ به ڪيو ويندو آهي. پر خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي چئجي ته وزيراعظم شهباز شريف جي دور ۾ مٿس سڌي ٿيندڙ تنقيد کي هن کلندڙ چهري سان برداشت ڪيو آهي.
مون جون جي آخر ۾ ڪالم لکي چيو هو ته سندس عروج جو دور ختم ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي جولاءِ کان زوال شروع ٿيندو، ۽ حقيقت ۾ ائين ئي ٿي رهيو آهي. جيڪي مسئلا پيٽي ۾ بند هئا، اهي هڪ هڪ ڪري ٻاهر اچي رهيا آهن. وزيراعظم جيترو به جهڪي، جيترو به پاڻ کي مٽائي يا جيترو به تبديل ٿي وڃي، کيس گهيري بيٺل مسئلا تمام وڏا آهن. ڏسون ٿا ته هو انهن کان ڪيئن بري الذمه ٿي سگهي ٿو.
وزيراعظم اهو واحد ڪرسي نشين آهي، جيڪو، چوڻيءَ موجب، 18 ڪلاڪ ’شب و روز‘ ڪم ڪرڻ باوجود مصروف ناهي. هو ملاقات ڪندڙن سان ملي ٿو، اتحادين سان رابطو رکي ٿو، پرڏيهي دورا ڪري ٿو، پنهنجي ٻنهي گهرن ۾ به باقاعدگي سان وڃي ٿو ۽ وقت ڏئي ٿو، وڏي ڀاءُ جي گهر جاتي امرا ۾ به هفتيوار حاضري ڏئي ٿو ۽ مٿين ايوانن کي به خوش رکي ٿو. مطلب ته ڪرسي نشينن مان هو واحد آهي، جنهن تي اقتدار ۽ طاقت جو نشو چڙهيل ناهي، ٻي صورت ۾ هر ڪرسي نشين ڪاري نانگ وانگر ڦڻ ڦهلائي ڦڻڪندو رهي ٿو. مصروفيت ۾ ڪرسي نشين رڳو خاص ماڻهن سان ملندا آهن، انهن سان ئي ڳالهائيندا آهن ۽ انهن لاءِ ئي دستياب هوندا آهن. ڪرسي نشينن جي مصروفيت مان پنجابي لوڪ ڪهاڻيءَ جو ڪردار جڳا ياد اچي ويو. جڳي بابت مشهور پنجابي چوڻي آهي: ’جڳي نوں نت مهمان‘. اها چوڻي اهڙي شخص لاءِ استعمال ٿيندي آهي، جنهن کي هر روز ڪو نئون معرڪو، جهيڙو يا مسئلو درپيش هجي. هر مسئلي ۾ ٽنگ اڙائڻ ۽ اجايو مصروفيت ظاهر ڪرڻ وارا به هن چوڻيءَ جي مزاحيه تشريح ۾ اچي وڃن ٿا. جڳا جٽ اصل ۾ سردار جگت سنگهه ورڪ جو مشهور نالو هو. انگريزن لاءِ هو ڌاڙيل ۽ غريبن لاءِ رابن هڊ هو. بعد ۾ انگريزن کيس دوکي سان قتل ڪري ڇڏيو. خير، جڳي جون مهمون ئي اسان جي ڪرسي نشين وزيرن ۽ آفيسرن جي گُھٽيءَ ۾ پيل آهن.
اسان جو هڪ معزز وزير سئو کان وڌيڪ ڪميٽين جو سربراهه آهي. هاڻي ايتريون ڪميٽيون سنڀالي ورتيون ته انهن لاءِ وقت ڪير ڪڍندو؟ جنرل باجوه هڪ ملاقات ۾ ان وزير بابت اها ئي شڪايت ڪئي هئي ۽ اها شڪايت اڄ به ورجائي پئي وڃي. هڪ صوبائي حڪومت سئو کان وڌيڪ نوان منصوبا شروع ڪري رکيا آهن. انهن مان ڪيترائي تمام سٺا به آهن، پر باقي 90 کان وڌيڪ منصوبن جي رفتار ۽ معيار تي نظر رکڻ لاءِ ڪنهن وٽ وقت ئي ناهي. جڏهن ڪم ايترو پکيڙي ڇڏجي ته پوءِ ڪو به ڪم سليقي سان نٿو ٿي سگهي. ترجيح ته چار پنج معاملن کي ئي ڏئي سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ ته ان کان وڌيڪ انساني وس ۾ ئي ناهي.
وفاق ۾ ٻه وزير مايوسيءَ جي عالم ۾ استعيفائون کيسي ۾ وجهي گهمي رهيا آهن. وفاقي ڪابينا اصل ۾ هڪ ٽيم جو نالو آهي، جنهن اجتماعي فيصلن ذريعي ملڪ هلائڻو هوندو آهي، پر هتي جيئن ئي سيٽي وڳي آهي، تيئن ئي هر وزير پنهنجو پنهنجو نئون قبلو ڳولي ورتو آهي. ڪو نون صوبن جو حامي آهي ته ڪو مخالف. ڪو خاموش آهي ته ڪو مسلسل ڳالهائيندو پيو وڃي.
وزيراعظم شهباز شريف عوامي سياستدان نه سهي، پر سٺو مئنيجر ۽ منتظم ضرور آهي. کيس پنهنجي گهر جي هيٺان لٺ ڦيرائڻي پوندي ۽ پنهنجي ڪابينا کي نظم ۽ ضبط ۾ آڻڻو پوندو. وزيراعظم جي ’ڍل‘ سبب حڪومت جو ’وهيل‘ پنڪچر ٿي بي قابو ٿيندو پيو وڃي. يادش بخير، شهباز شريف جڏهن پنجاب جو وڏو وزير هو ته ڪرسي نشين آفيسرن جي ڪوڙي مصروفيت کي ختم ڪرڻ لاءِ هر هڪ کي پابند ڪيو هو ته هو پنهنجو موبائل فون پاڻ کڻي. سندس ان انقلابي قدم سان پهريون ڀيرو عوام ڪرسي نشينن سان سڌي ريت ڳالهائڻ جي قابل ٿيو هو. شهباز شريف پاڻ آفيسرن کي سندن موبائل نمبرن تي فون ڪري چيڪ ڪندو هو ته هو فون پاڻ کڻن ٿا يا نه. ان عمل جو تمام مثبت اثر پيو هو.
وڏي وزير مريم نواز شريف چونڊي چونڊي سٺن آفيسرن کي ڪرسي نشين بڻائي ٿي، پر اهي آفيسر ڪرسيءَ تي ويهڻ شرط اهڙا مصروف ٿي وڃن ٿا، جو ڪنهن لاءِ به دستياب نٿا رهن. فون تي موجود رهڻ ۽ هر فون جو جواب ڏيڻ جو جيڪو معمول شهباز شريف جي دور ۾ شروع ٿيو هو، اهو مڪمل طور ختم ٿي چڪو آهي. هڪ ته وڏي وزير پاڻ ۽ سندس سينيئر ٽيم به نه صحافين جي رسائيءَ ۾ آهي ۽ نه عوام ۽ چونڊيل نمائندن جي پهچ ۾.
ٻيو، جڏهن کان نون پنهنجي سڀني انڊن کي هڪ ئي ٽوڪريءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي، تڏهن کان هوءَ سمجهڻ لڳي آهي ته ٽوڪري نوڪري پڪي رکندي، پر ٽوڪريءَ کي هوا، طوفان ۽ اُس به لڳندي آهي. صحافي، عوام ۽ چونڊيل نمائندا به اها ئي هوا، طوفان ۽ اُس آهن، جيڪي ٽوڪريءَ سان جڙيل نوڪريءَ تي به اثرانداز ٿي سگهن ٿا ۽ ان نوڪريءَ کي ختم به ڪري سگهن ٿا. ياد رکڻ گهرجي ته جيڪو ڪرسي نشين سياستدان ۽ آفيسر فون نٿو کڻي، فون جو جواب تائين نٿو ڏئي، اهو جوابدهي ۽ رابطي جي ذميواري کان غفلت جو مرتڪب آهي. سندس باقي سموري مصروفيت سراسر ڪوڙ ۽ فريب آهي.
اڄڪلهه حالتون اهڙيون آهن جو آفيسر ۽ وزير نه ڪنهن جو فون کڻن ٿا ۽ نه جواب ڏين ٿا. بهانو وري ساڳيو ’مصروفيت‘ جو ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن آفيسرن ۽ حڪومتي سياستدانن جي اها ئي ’مصروفيت‘ جاري رهي ته پوءِ صحافي ’جهاز‘ ئي اڏائيندا، عوام مذاق اڏائيندو ۽ اسيمبلي ميمبر ناراض ٿيندا. اڄ جي اها جعلي مصروفيت سڀاڻي ’فارغ‘ ٿيڻ تي منتج ٿيندي. جيڪي هاڻي سڀ ’مصروف‘ آهن، انهن جي اها ئي مصروفيت کين ’فارغ‘ ڪري ڇڏيندي. ماضيءَ ۾ ’مصروف‘ رهڻ جي اداڪاري ڪندڙن جو انجام ڏسي چڪا آهيون، ائين نه ٿئي جو اڄ جي ’مصروفن‘ جو انجام به ساڳيو هجي.