پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) وارا حڪومت کان جيڪو مطالبو ڪري رهيا هئا، حڪومت ان تي راضي هئي.
جيو نيوز جي پروگرام ”نئون پاڪستان“ ۾ حڪومتي ذريعن حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته لانگ مارچ جو اعلان پي ٽي آءِ جي باني نه ڪيو هو.
ذريعن موجب اهو اعلان پي ٽي آءِ جي موجوده پارٽي قيادت پاڻ ڪيو آهي، تنهن ڪري اهو اعلان واپس به اهي پاڻ وٺي سگهن ٿا.
حڪومتي ذريعن موجب پي ٽي آءِ وارا جيڪي مطالبا ڪري رهيا هئا، حڪومت انهن تي راضي هئي، پر خبر ناهي ته پي ٽي آءِ اندر ڪهڙا اختلاف هلندڙ آهن.