اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وفاقي توانائي واري وزير اويس احمد خان لغاري جو چوڻ آهي ته حڪومت اڄ کان عملي طور بجلي خريد ڪرڻ جي عمل کان ٻاهر ٿي رهي آهي، هاڻي ڪنهن کي به حڪومت کي بجلي وڪڻڻ جو حق نه هوندو ۽ نه ئي حڪومت بجلي خريد ڪري سگهندي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اويس احمد خان لغاري چيو ته عوام کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي. ايندڙ پنجن سالن دوران 800 ميگاواٽ بجلي جي نيلامي ڪئي ويندي، جڏهن ته پهرين مرحلي ۾ 400 ميگاواٽ بجلي نيلامي لاءِ پيش ڪئي پئي وڃي. واپاري ادارا ۽ صنعتون مقابلي جي بنياد تي بجلي گهرن کان بجلي خريد ڪري سگهندا.
هن چيو ته هن وقت حڪومت هڪ نظام تحت بجلي خريد ڪري عوام تائين پهچائي ٿي. بجلي خريد ڪرڻ جي شرطن بابت عوام جا هميشه سوال رهيا آهن، جڏهن ته آزاد بجلي پيدا ڪندڙ ادارن جو نالو اڄ بدنام ٿي چڪو آهي.
توانائي واري وزير اويس لغاري چيو ته حڪومت اڄ کان عملي طور بجلي خريد ڪرڻ جي عمل کان ٻاهر ٿي رهي آهي. هاڻي ڪنهن کي به حڪومت کي بجلي وڪڻڻ جو حق نه هوندو ۽ نه ئي حڪومت بجلي خريد ڪري سگهندي. ملڪ ۾ بجلي پيدا ڪندڙ ۽ استعمال ڪندڙ پاڻ ۾ سڌي ريت بجلي خريد ۽ وڪرو ڪندا.
هن ٻڌايو ته بجلي جي خريد ۽ وڪري جو نظام شفافيت تي ٻڌل هوندو. هن نظام جو لاڳو ٿيڻ سڀ کان پهرين صنعتي ۽ وڏن واهپيدارن تي ٿيندو. ايندڙ سالن ۾ بجلي جي هڪ منڊي قائم ٿيندي. هن نظام تحت عام واهپيدار به پنهنجي مرضي سان بجلي خريد ڪري سگهندو. هاڻي حڪومت بجلي خريد ڪري پنهنجي مقرر ڪيل اگهن تي زبردستي عوام کي وڪرو نه ڪري سگهندي.
اويس لغاري چيو ته پهرين مرحلي ۾ هڪ ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدار ان سهولت مان فائدو وٺندا. سستي بجلي ملڻ سان صنعت عالمي منڊي ۾ مقابلو برقرار رکي سگهندي ۽ اسان جون صنعتون عالمي منڊين ۾ پنهنجون شيون برآمد ڪري سگهنديون.