پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ڪي پي جي صدر جنيد اڪبر لانگ مارچ بابت چيو آهي ته گذريل ڀيري اسان پنهنجا لاش کڻي واپس هليا ويا هئاسين، هن ڀيري ائين نه ٿيندو، اسان اسلام آباد کي سومنات بڻائينداسين.
مردان ۾ ڪارڪنن جي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي جنيد اڪبر چيو ته اسان اسلام آباد وينداسين ۽ رڳو هڪ رستي کان نه وينداسين.
هن چيو ته اسان موٽروي ۽ جي ٽي روڊ تان به وينداسين، مارگلا جي جبلن تان به هيٺ لهنداسين ۽ ڊي آءِ خان کان به اينداسين.
پنهنجي خطاب ۾ جنيد اڪبر چيو ته گذريل ڀيري اسان پنهنجا لاش کڻي واپس هليا ويا هئاسين ۽ اسان ان حالت ۾ نه هئاسين جو احتجاج ڪري سگهون. هن ڀيري ائين نه ٿيندو ته لاش دفن ڪري خاموش ٿي وڃون.
جنيد اڪبر چيو ته اسان اسلام آباد کي سومنات بڻائينداسين.
واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف 27 سيپٽمبر تي اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو اعلان ڪري رکيو آهي.