قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 5 دهشتگرد ماريا ويا

قلات ڀرسان اين 25 شاهراهه تي سيڪيورٽي فورسز بروقت ڪارروائي ڪندي 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.

پاڪ فوج جي شعبي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب قلات ڀرسان اين 25 شاهراهه تي دهشتگردن پاران عام ماڻهن جي اچ وڃ ۾ خلل وجهڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي.

سيڪيورٽي فورسز بروقت ڪارروائي ڪندي 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته مارجي ويل دهشتگردن جي ٿاڪ تان 23 يرغمالين کي محفوظ طريقي سان آزاد ڪرايو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي ٿاڪ تان 6 ٽرڪ، 3 بسون ۽ 2 ڪارون هٿ ڪيون ويون، جڏهن ته وڏي مقدار ۾ هٿيار، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد به قبضي ۾ ورتو ويو.

دهشتگردن اغوا، ڀتو وٺڻ ۽ گاڏيون ڦرڻ لاءِ چيڪ پوسٽ قائم ڪري رکي هئي.

ٻئي طرف سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته خاران ۾ دهشتگردن لجي روڊ تي مسافر گاڏي تي آءِ اي ڊي ذريعي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 10 مزدور زخمي ٿي پيا. فورسز واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.

You might also like