ڪيلا سوچي سمجهي کائو، ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

اڪثر اهو سوال ڪيو ويندو آهي ته روز ڪيترا ڪيلا کائڻ محفوظ آهن؟
خوراڪ جي ماهرن موجب، گهڻا صحتمند بالغ ماڻهو متوازن غذا جي حصي طور روز 2 کان 3 ڪيلا محفوظ طريقي سان کائي سگهن ٿا، تنهن هوندي به تمام گهڻا ڪيلا کائڻ سان وزن وڌڻ ۽ غذائي جزن ۾ کوٽ يا عدم توازن پيدا ٿي سگهي ٿو.
ماهرن موجب، ڪيلو سولائيءَ سان دستياب، قدرتي طور مٺو ۽ غذائيت سان ڀرپور ميوو آهي، جنهن ۾ ميگنيز، پوٽاشيم، وٽامن سي ۽ وٽامن بي 6 موجود هوندا آهن.
تنهن هوندي به روزانو حد کان وڌيڪ ڪيلا کائڻ هر ماڻهو لاءِ مناسب ناهي، خاص طور تي اهڙن ماڻهن لاءِ جيڪي ڪجهه طبي مسئلن ۾ مبتلا آهن.
ماهرن موجب، تمام گهڻا ڪيلا کائڻ جا هيٺيان اثر ٿي سگهن ٿا:

پوٽاشيم وڌڻ جو خطرو
هڪ وچولي سائيز جي ڪيلي ۾ لڳ ڀڳ 400 ملي گرام پوٽاشيم هوندو آهي.
صحتمند ماڻهو، جن جا گردا معمول موجب ڪم ڪندا هجن، عام طور تي روز 2 کان 3 ڪيلا بنا ڪنهن خاص ڳڻتي جي کائي سگهن ٿا.
پر گردن جي مسئلن ۾ مبتلا ماڻهن لاءِ رت مان واڌو پوٽاشيم خارج ڪرڻ ڏکيو ٿي سگهي ٿو. ان جي نتيجي ۾ هائپرڪليميا، يعني رت ۾ پوٽاشيم جي وڌي وڃڻ جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، جنهن سان عضلات ۾ ڪمزوري، اڌرنگ ۽ دل جي ڌڙڪن ۾ بي ترتيبي جهڙا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.

رت ۾ شوگر جو اوچتو وڌڻ
ماهرن موجب، شوگر ۾ مبتلا ماڻهن لاءِ رڳو ڪيلا کائڻ بدران ان کي پروٽين يا صحتمند چرٻي سان گڏ کائڻ وڌيڪ مناسب ٿي سگهي ٿو. ڪيلي ۾ ڪاربوهائيڊريٽس ۽ قدرتي شوگر موجود هوندي آهي، تنهنڪري ان کي اڪيلو کائڻ سان رت ۾ شوگر تيزيءَ سان وڌي سگهي ٿي.

هاضمي جا مسئلا
غذائيت جي ماهرن موجب، تمام گهڻا ڪيلا کائڻ سان گئس، پيٽ ڦوڪجڻ يا دستن جهڙا مسئلا به پيدا ٿي سگهن ٿا.
ڪيلي ۾ فائبر سان گڏ ايف او ڊي ايم اي پيز به موجود هوندا آهن، جيڪي ڪاربوهائيڊريٽس جو هڪ اهڙو قسم آهن، جن کي ڪجهه ماڻهن لاءِ هضم ڪرڻ ڏکيو ٿي سگهي ٿو.
انهيءَ سبب آءِ بي ايس، يعني آنڊن جي تڪليف ۾ مبتلا ماڻهو يا وڌيڪ فائبر واري خوراڪ لاءِ حساس ماڻهن کي ڪيلا کائڻ کانپوءِ هاضمي سان لاڳاپيل علامتون وڌيڪ محسوس ٿي سگهن ٿيون.

نوٽ: هي مضمون رڳو پڙهندڙن جي ڄاڻ ۽ معلومات لاءِ شايع ڪيو ويو آهي، صحت سان لاڳاپيل معاملن ۾ پنهنجي ڊاڪٽر جي مشوري تي عمل ڪريو.

You might also like