ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) ضلعي اوڀر طرفان سنڌ جي وحدت تي وار خلاف ”وحدتِ سنڌ“ مارچ ڪيو ويو، جنهن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، اديبن ۽ ايس يو پي جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
مارچ جي اڳواڻي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه، روشن ٻرڙو، منير نائچ، سيد منير حيدر شاهه، جڳديش آهوجا، واحد مغيري، آفتاب خانزادو، امير آزاد پنهور، ستار ڏاهري ۽ ٻين ڪئي.
جلباڻي چوڪ کان جي ٿري بس اسٽاپ تائين نڪتل ريلي ۾ ڪارڪنن سميت مختلف سياسي، سماجي تنظيمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، رستي تي مارچ جي شرڪت ڪندڙن مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد زين شاهه چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت مسلسل ڊراما ڪري رهي آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ تماشو ڪري سنڌ جي عوام جو ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
هن الزام لڳايو ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو اسٽيبلشمينٽ سان سنڌ جو سودو ڪري چڪا آهن ۽ تمام جلد اهي پاڻ ئي وائکا ٿي ويندا.
سيد زين شاهه چيو ته جلال پور ڪينال به ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، هڪ پاسي پيپلز پارٽي وفاق سان سنڌ جي پاڻي جو سودو ڪري چوي ٿي ته ڪينال قبول ناهن، جڏهن ته ٻئي پاسي خاموشي سان سنڌ جو پاڻي چوري ڪري جلال پور ڪينال ذريعي کنيو ويو.
هن چيو ته سنڌ جو عوام پنهنجي پرامن جدوجهد جاري رکي، ڇو ته سياسي جدوجهد ذريعي ئي نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا.
زرداري ۽ بلاول اسٽيبلشمينٽ سان سنڌ جو سودو ڪري چڪا آهن، پيپلزپارٽي سنڌ جو پاڻي وڪڻي چوي ٿي ڪينال نامنظور:زين شاهه
You might also like