اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي سول سروس ۾ وڏي پئماني تي سڌارن لاءِ ”سمارٽ ريفارمز پيڪيج“ جون حتمي سفارشون تيار ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ پگهارن جي طريقيڪار ۾ تبديلي آڻڻ جي پڻ سفارش ڪئي وئي آهي.
وفاقي حڪومت سول سروسز ۾ وڏين تبديلين لاءِ ”سمارٽ ريفارمز پيڪيج“ جون حتمي سفارشون تيار ڪري ورتيون آهن.
وفاقي وزير احسن اقبال جي سربراهي ۾ وزيراعظم جي خاص ڪميٽي پاران تيار ڪيل دستاويز موجب، انهن سڌارن لاءِ آئين ۾ ڪنهن به ترميم جي ضرورت نه پوندي، پر سول سرونٽس ايڪٽ 1973ع ۾ 12 ۽ رولز آف بزنس 1973ع ۾ 10 ترميمون ڪرڻ سان گڏ 3 نوان قانون متعارف ڪرائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
ڪميٽي پاڪستان جي سول سروس نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ ڀارت سميت 25 ملڪن جي ماڊلز جو تفصيلي جائزو پڻ ورتو آهي.
سفارش ڪئي وئي آهي ته سرڪاري آفيسرن جي ترقي، مقرري ۽ مراعتن کي رڳو سينيئرٽي بدران سندن ڪارڪردگي ۽ عوامي نتيجن سان مشروط ڪيو وڃي.
ملازمن جي ڀرتي ۽ تربيت دوران علائقائي، لساني، صنفي ۽ طبقاتي بنيادن تي مڪمل برابري يقيني بڻائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
گريڊ 19 تائين آفيسرن جي مقرري کي لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنن جي دائري تائين محدود رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
سي ايس ايس امتحان ۾ روايتي هڪ ڏينهن واري زباني انٽرويو بدران فوج جي آءِ ايس ايس بي جي طرز تي اميدوارن جي صلاحيتن جو سخت جائزو وٺڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
شروعاتي اسڪريننگ ٽيسٽ ۾ پاسنگ مارڪس جي حد 33 سيڪڙو مان وڌائي 40 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته امتحان مان نيگيٽو مارڪنگ ختم ڪري اميدوارن جي تجزياتي صلاحيت جاچڻ لاءِ نئون حصو شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
سي ايس ايس جو بنيادي امتحان ۽ 5 پرچن ۾ اردو ۽ انگريزي ٻولين جي عملي مهارت جي شرط برقرار رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ڪامياب اميدوارن کي سندن تعليمي قابليت موجب لاڳاپيل مخصوص پوسٽ تي مقرر ڪيو ويندو.
ڀرتي جو سمورو عمل ڊگهي انتظار بدران 6 مهينن يا ان کان گهٽ عرصي ۾ مڪمل ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي.
سڌارن جي حتمي منظوري وزيراعظم شهباز شريف کان ورتي ويندي، جنهن کانپوءِ سڌارن تي وقت سر عملدرآمد جي نگراني لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ويندي، جيڪا هر مهيني وزيراعظم کي اڳڀرائي بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي پابند هوندي.
You might also like