ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽ وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ سان ڪو قتلِ عام يا بدامني نه ٿيندي، جيڪڏهن فساد يا وڳوڙ ٿيڻا هجن ها ته اڳ ئي ٿي چڪا هجن ها.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال الزام لڳايو ته پيپلز پارٽي ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙهائڻ چاهي ٿي ته جيئن عوام ٻيا سمورا مسئلا وساري ڇڏي.
سندس چوڻ هو ته جڏهن پيپلز پارٽي جي ڪرپشن جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته ”صوبائي ڪارڊ“ کيڏيو وڃي ٿو، جڏهن ته سنڌي اسان جا ڀائر آهن.
هن دعويٰ ڪئي ته سنڌ جي صورتحال انتهائي خراب آهي ۽ حيدرآباد کان اڳتي وڃڻ سان غربت جي صورتحال جو اندازو ٿئي ٿو.
مصطفيٰ ڪمال وڌيڪ چيو ته نوان صوبا ٺهڻ سان ڪا قتل ۽ غارت نه ٿيندي، جڏهن ته ڌرڻن سان ڪڏهن به مسئلا حل ناهن ٿيا.
سندس چوڻ هو ته وفاق صوبن کي آزاد ڇڏي ڏنو آهي ۽ صوبن جو احتساب ٿيڻ گهرجي.
سنڌي اسان جا ڀائر آهن، سنڌ ۾ نوان صوبا ٺهڻ سان ڪو قتلِ عام يا بدامني نه ٿيندي، فساد ٿيڻا هجن ها ته ٿي وڃن ها: مصطفيٰ ڪمال
You might also like