تبوءَ کي قومي ايوارڊ مليو ته ساڙ ۾ سَڙي وئي هيس، پر اداڪارا سان مليس ته هُن صفا ٺاري ڇڏيو: سونالي ڪُلڪرني

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا سونالي ڪلڪرني انڪشاف ڪيو آهي ته 1997ع ۾ تبو کي فلم ”ماچس“ تي بهترين اداڪارا جو قومي فلم ايوارڊ ملڻ تي کيس ڏاڍو ساڙ محسوس ٿيو هو.
سونالي ڪلڪرني هڪ انٽرويوءَ دوران ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۾ ئي قومي ايوارڊ حاصل ڪرڻ چاهيندي هئي ۽ انهيءَ خواهش سبب تبوءَ جون فلمون ڏسندي رهندي هئي.
اداڪارا موجب، فلم ”مشن ڪشمير“ جي شوٽنگ دوران هوءَ ممبئي جي فلم سٽي ۾ تبو سان ملاقات جو انتظار ڪندي رهي، ملاقات دوران هن تبو جي واکاڻ ڪئي، جنهن تي تبو صبر سان سندس ڳالهه ٻڌي ۽ پوءِ سندس ٿورا مڃيا.
سونالي چيو ته ان ملاقات کيس احساس ڏياريو ته وڏا فنڪار به عام انسانن جهڙا ئي هوندا آهن.
نامياري فنڪارن سان ساڙ ڪرڻ جو ڪو فائدو ناهي، جڏهن ته ڪهڙي فنڪار کي ڪڏهن ايوارڊ ملندو، اهو سندس هٿ ۾ ناهي، پر سندس ڪارڪردگي تي دارومدار هوندو آهي.
انٽرويو دوران سونالي ايشوريا راءِ سان لاڳاپيل هڪ واقعو به ٻڌايو ته هڪ ڀيري هن ايشوريا جي لباس جي تعريف ڪئي ته کيس خبر پئي ته اهو لباس پاڻ ايشوريا تيار ڪيو هو.
واضح رهي ته سونالي ڪلڪرني کي 2002ع ۾ مختصر مراٺي فلم ”چيترا“ ۾ اداڪاري تي قومي فلم ايوارڊ جو خصوصي اعزاز پڻ ملي چڪو آهي، جڏهن ته اداڪارا جو چوڻ آهي ته وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ جي خواهش اڃا به برقرار آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، سونالي ڪلڪرني جي نئين فلم ”دي پيراڊائز“ 24 سيپٽمبر تي سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

You might also like